اسلام آباد – 26 – مارچ (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار جي صدارت ۾ ڪميٽي جو اجلاس ٿيو جنهن ۾ مارڪيٽ ۾ ڀاڻ جي قيمتن ۾ استحڪام کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ قدمن جو جائزو ورتو ويو. نائب وزيراعظم جي آفيس پاران جاري بيان موجب اجلاس ۾ پيٽروليم ۽ نيشنل فوڊ سيڪيورٽي جي وزيرن، وزيراعظم جي خاص معاون طارق باجوه، پيٽروليم ۽ صنعت وارين وزارتن جي وفاقي سيڪريٽرين ۽ لاڳاپيل ادارن جي سينيئر عملدارن شرڪت ڪئي. ڪميٽي ملڪ ۾ ڀاڻ جي اسٽاڪ جي پوزيشن ۽ ان جي قيمتن ۾ استحڪام تي اطمينان جو اظهار ڪيو. تفصيلي غور فڪر کانپوءِ ڪميٽي يوريا سيڪٽر کي گئس جي فراهمي کي 30 جون تائين ٽن مهينن جي لاءِ وڌائڻ جو فيصلو ڪيو ته جيئن يوريا جي مسلسل دستيابي کي يقيني بڻائي سگهجي.