اسلام آباد-22 مارچ (اي پي پي)صدر مملڪت آصف علي زرداري چيو آهي ته پاڻي جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي پاڪستان عالمي برادري سان توانائي جي تحفظ، ماحولياتي استحڪام ۽ موسمياتي قدمن جي عزم جي تجديد ڪري ٿو، توانائي جي محفوظ مستقبل لاءِ بجلي جي بچت ۽ تجديد جوڳي توانائي کي هٿي ڏيڻ ضروري آهي. ايوان صدر پريس ونگ مان جاري بيان مطابق ارٿ آور ۽ پاڻي جي عالمي ڏينهن 2025ع تي جاري پيغام ۾ صدر چيو ته ارٿ آور تي غير ضروري لائٽس بند ڪرڻ توانائي جي استعمال ۽ ڪاربن فت پرنٽ گهٽائڻ جي عزم جي علامت آهي، ٻارڻ جي وڌندڙ قيمتن، توانائي جي شعبي جي مسئلن سبب پاڪستان جي معيشت ۽ ماحول کي شديد خطرا آهن. صدر چيو ته توانائي جي محفوظ مستقبل لاءِ بجلي، ٻارڻ جي بچت ۽ تجديد جوڳي توانائي کي هٿي ڏيڻ ضروري آهي، بجلي بچائڻ، توانائي ۽ ٻارڻ بچائڻ وارن اوزارن جو استعمال، پبلڪ ٽرانسپورٽ کي هٿي ڏيڻ جي ضرورت آهي. صدر چيو ته هلندڙ سال ارٿ آور پاڻي جي عالمي ڏينهن 2025ع سان ملهايو پيو وڃي، پاڪستان ۾ پاڻي جي کوٽ هڪ سنگين مسئلو آهي جنهن لاءِ فوري قدم کڻڻ جي ضرورت آهي، صاف ۽ پيئڻ لاءِ محفوظ پاڻي جي دستيابي يقيني بڻائڻ لاءِ قدم ضروري آهن. صدر چيو ته 2022ع جي ٻوڏ موسمياتي تبديلي جي اسانجي ملڪ تي اثرن جي واضح مثال آهي، آبي ذخيرن جي تحفظ ۽ پائيدار زرعي طريقن کي هٿي ڏيڻ وقت جي ضرورت آهي. صدر مملڪت چيو ته ڊرپ ايريگيشن، برسات جي پاڻي کي محفوظ ڪرڻ ۽ پاڻي جي زيان کي روڪڻ زرعي ترقي لاءِ لازمي آهي، صنعتن ۽ گهرو سطح تي پاڻي جي موثر استعمال کي يقيني بڻائڻو پوندو، پاڪستان ماحولياتي تحفظ، توانائي جي تحفظ ۽ آبي وسيلن جي پائيداري لاءِ پرعزم آهي. صدر مملڪت چيو ته توانائي، ٻارڻ ۽ پاڻي جي تحفظ لاءِ هر پاڪستاني کي ذميواري کڻڻي پوندي، پائيدار طرز زندگي اختيار ڪري اسان پاڪستان کي موسمياتي تبديلي جي خطرن کان محفوظ بڻائي سگهون ٿا. صدر مملڪت دعوت ڏني ته اچو گڏجي پنهنجي ملڪ ۽ ان زمين کي ماحوياتي تبديلي جي خطرن کان محفوظ بڻائڻ ۾ ڪردار ادا ڪريون.