نئين دهلي -22 مارچ (اي پي پي) ڀارت جي رياست اتر پرديش ۾ يوٽيوب ويڊيو ڏسي پنهنجي سرجري پاڻ ڪندڙ شهري کي اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي. پرڏيهي ميڊيا موجب رياست اتر پرديش جي ضلعي مٿورا سان تعلق رکندڙ راجا بابو يوٽيوب تي مختلف ويڊيو ڏسڻ کان پوءِ هڪ ميڊيڪل اسٽور تان دوائون، جراحي اوزار، ٽاڪا لڳائڻ جو سامان ۽ سن ڪرڻ جي انجيڪشن خريد ڪئي ۽ پنهنجي ڪمري ۾ آپريشن شروع ڪيو، پر ٿوري دير بعد انجيڪشن جو اثر ختم ٿيڻ تي هن تڪليف محسوس ڪئي ۽ دانهون ڪرڻ لڳو، جنهن تي گهر ڀاتين کيس اسپتال منتقل ڪيو. واقعي جي تصديق ڪندي راجا بابو جي ڀائٽي راهل ٻڌايو ته سندس چاچي يوٽيوب ويڊيو ڏسي پاڻ آپريشن ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. هن ٻڌايو ته 18 سال اڳ راجا بابو جي اپنڊڪس جي سرجري به ٿي چڪي آهي، جڏهن ته اڄ ڪلهه هو ٻيهر پيٽ جي سور جو شڪار هو ۽ اهو قدم کنيو.