اسلام آباد-21 مارچ(اي پي پي) پاڪستان سميت سڄي دنيا ۾ جمعو 21 مارچ تي ٻيلن جو عالمي ڏينهن ملهايو ويو. ان ڏينهن کي ملهائڻ جو مقصد انسانن، جانورن ۽ پکين جي بقا لاءِ ٻيلن ۽ وڻن جي اهميت تي روشني وجهڻ سميت ٻيلن کي محفوظ بڻائڻ ۽ انهن جي واڌ ويجهه لاءِ قدم کڻڻ آهي. ٻيلن جو عالمي ڏينهن ملهائڻ جي منظوري 28 نومبر 2012ع تي گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي پاران ڏني وئي هئي. ٻيلن جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي مختلف سرڪاري ۽ خانگي ادارن پاران پروگرام منعقد ڪيا ويا جڏهن ته پرنٽ ۽ اليڪٽرانڪ ميڊيا تي پڻ خاص مواد شايع ۽ پروگرام نشر ڪيا ويا.