اسلام آباد-21 مارچ(اي پي پي) پاڪستان سميت سڄي دنيا ۾ گليشئيرز جو عالمي ڏينهن 21 مارچ تي ملهايو ويو. ان ڏينهن کي ملهائڻ جو مقصد سڄي دنيا ۾ 2 ارب ماڻهن لاءِ پاڻي جي اهم ذريعن کي بچائڻ لاءِ ماڻهن ۾ جاڳرتا پيدا ڪرڻ آهي. گليشئيرز جي تحفظ جي عالمي ڏينهن جي مناسبت سان سرڪاري ۽ خانگي ادارن جي انتظام هيٺ مختلف تقريبون منعقد ڪيون ويون جن ۾ عالمي سطح تي گرمي پد ۾ اضافي ۽ گليشئيرز جي اهميت جي حوالي سان ڄاڻ فراهم ڪرڻ هئي.واضع رهي ته گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي ماحولياتي بحران سبب هلندڙ سال کي گليشيئير جي تحفظ جو عالمي سال قرار ڏنو آهي.ماحوليات جي ماهرن جو چوڻ آهي ته عالمي گرمي پد ۾ اضافي سبب پاڪستان ۾ موجود گليشئيرز تيزي سان ڳري رهيا آهن ۽ 2050ع تائين پاڪستان اڪثر گليشئيرز کان محروم ٿي ويندو ۽ ملڪ ۾ پاڻي جي شديد کوٽ جي مسئلن ۾ اضافي جو خدشو آهي.