اسلام آباد – 21 مارچ (اي پي پي) سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني ڊيره اسماعيل خان ۾ سيڪيورٽي فورسز جي ڪامياب انٽيليجنس بيسڊ آپريشن تي سيڪيورٽي فورسز کي خراج تحسين پيش ڪيو آهي، جنهن ۾ 10 دهشتگردن کي جهنم ڀيڙو ڪيو ويو. سينيٽ سيڪريٽريٽ مان جاري بيان مطابق هن چيو ته سيڪيورٽي فورسز جا بهادر جوان ملڪ جي تحفظ لاءِ بي مثال جرئت ۽ پيشيوراڻي مهارت جو مظاهرو ڪري رهيا آهن. سينيٽ چيئرمين آپريشن دوران ڪيپٽن حسنين اختر جي شهادت تي ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪندي شهيد کي زبردست خراج عقيدت پيش ڪيو. هن چيو ته ڪيپٽن حسنين اختر پنهنجي رت سان ملڪ جي حفاظت جي هڪ نئون داستان لکيو آهي، سندس قرباني کي هميشه ياد رکيو ويندو. سيد يوسف رضا گيلاني شهيد جي ڪٽنب ڀاتين سان دلي تعزيت ۽ همدردي جو اظهار ڪندي چيو ته سموري قوم سندن ڏک ۾ برابر جي شريڪ آهي. هن دعا ڪئي ته الله تعاليٰ شهيد جا درجا بلند ڪري ۽ ڏکويل ڪٽنب کي صبر عطا ڪري. هن وڌيڪ چيو ته پاڪستان جي سيڪيورٽي فورسز دهشتگردي جي ناسور جي خاتمي لاءِ ڀرپور عزم سان ڪوششون ڪري رهي آهي ۽ قوم کي پنهنجن بهادر محافظن تي فخر آهي. هن ان عزم جو ورجاءُ ڪيو ته دهشتگردي خلاف اها جنگ آخري دهشتگرد جي خاتمي تائين جاري رهندي.