اسلام آباد – 21 – مارچ (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري پاڪستان ڏهاڙي ۽ عيدالفطر جي موقعي تي قيدين جي سزائن ۾ 180 ڏينهن جي خصوصي ڇوٽ ڏئي ڇڏي آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر سزائن ۾ گهٽتائي جي منظوري آئين جي آرٽيڪل 45 تحت ڏني آهي. سزائن ۾ گهٽتائي قتل، جاسوسي، رياست مخالف سرگرمين ۾ ملوث قيدين تي لاڳو نه هوندي. سزائن ۾ گهٽتائي زنا، چوري، ڦر، اغوا، دهشتگردي ۾ سزا يافته ڏوهارين تي به لاڳو نه هوندي. سزا ۾ گهٽتائي مالي ڏوهن ۽ قومي خزاني کي نقصان پهچائيندڙ ڏوهارين تي به لاڳو نه هوندي. سزا ۾ گهٽتائي غيرملڪي شخص ايڪٽ 1946ع ۽ منشيات ڪنٽرول (ترميمي) ايڪٽ 2022ع تحت سزا يافته ماڻهن تي لاڳو نه هوندي. هڪ ڀاڱي ٽي حصو قيد ڪاٽي ڇڏيندڙ 65 سالن کان وڌيڪ عمر جي مرد قيدين تي سزا ۾ گهٽتائي لاڳو هوندي. هڪ ڀاڱي ٽي حصو قيد ڪاٽي ڇڏيندڙ 60 سالن کان وڌيڪ عمر جي عورت قيدين تي به سزا ۾ گهٽتائي لاڳو هوندي. ٻارن سان گڏ جيل ۾ موجود عورت قيدين تي پڻ سزا ۾ گهٽتائي لاڳو هوندي. هڪ ڀاڱي ٽي حصو قيد ڪاٽي ڇڏيندڙ 18 سالن کان گهر عمر ماڻهن تي به سزا ۾ گهٽتائي لاڳو هوندي.