اسلام آباد -19 مارچ (اي پي پي) پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي جو اجلاس پارليامينٽ هائوس ۾ پي اي سي جي چيئرمين جنيد اڪبر خان جي صدارت ۾ ٿيو. اجلاس ۾ ڪابينه ڊويزن جي 24-2023ع جي آڊٽ اعتراضن جو جائزو ورتو ويو. اجلاس ۾ پي اي سي جي چيئرمين چيو ته قاعدن تحت صرف سيڪريٽري ئي پرنسپل اڪائونٽنگ آفيسر هوندو آهي، ان لاءِ ڊي اي سي به اهو ئي ڪندو آهي. پي اي سي جي ميمبرن چيو ته هي عمل ڇو ته قاعدن موجب ناهي ان لاءِ ان کي ملتوي ڪيو وڃي. پي اي سي جي ميمبر فوزيه ارشد چيو ته جڏهن به پي اي سي ۾ ايندا آهيون ته ايئن لڳندو آهي ته آفيسرن کي قانون ۽ قاعدن جي خبر ناهي هوندي. پي اي سي ڪابينه ڊويزن جي آڊٽ اعتراضن جي ڪجهه حصي تي غور ملتوي ڪري ڇڏيو. توشه خانه سان لاڳاپيل آڊٽ اعتراضن جو جائزو وٺندي سيڪريٽري ڪابينه ڊويزن ڪامران علي افضل ٻڌايو ته وزيراعظم پاڻمرادو رولز ۾ ترميم نه ٿو ڪري سگهي. توشه خانه سان لاڳاپيل نوان قاعدا تيار ٿي رهيا آهن جلد ئي ڪابينه مان منظوري حاصل ڪئي ويندي. رياض فتيانه چيو ته 1971ع کان 2023ع تائين ٺهيل قانون ختم ڪيا وڃن ۽ نوان قاعدا ٺاهيا وڃن. خواجه شيراز محمود چيو ته توشه خانه جي قاعدن ۾ ترميم ڪيئن ڪئي وئي اهو ٻڌايو وڃي. سيڪريٽري چيو ته اڳوڻن قاعدن تحت 30 سيڪڙو رقم جمع ڪرائڻي هوندي آهي پوءِ اهو 50 سيڪڙو ٿي ۽ هاڻي ايڪٽ ۾ تحفه جي 100 سيڪڙو ماليت جمع ڪرائڻ لازمي آهي. هڪ تجويز اها به آهي ته آئينده ڪير به عوامي عهدو رکندڙ تحفا حاصل نه ڪري سگهي. هن وقت توشه خانه ايڪٽ 2024ع لاڳو آهي، جنهن جا رولز اڃا تائين ناهن ٺهيا. ان کان اڳ 2018ع ۾ ان ايڪٽ ۾ ترميم ڪئي وئي، هي ترميم ڪيئن ڪئي وئي، ان لاءِ ڪجهه وقت ڏنو وڃي ته جيئن مڪمل رڪارڊ ڏسي تفصيل ٻڌائي سگهجن. پي اي سي هدايت ڪئي ته 15 ڏينهن اندر ان معاملي تي رپورٽ پيش ڪئي وڃي. هڪ سوال جي جواب ۾ ڪابينه ڊويزن جي سيڪريٽري ٻڌايو ته توشه خانه جي تحفن جو 2002ع کان 2024ع تائين جو سمورو رڪارڊ ڪابينه ڊويزن جي ويب سائيٽ تي موجود آهي. ان ۾ ڪا به شيءِ لڪائڻ واري ناهي. پي اي سي جي چيئرمين چيو ته اسان ته توشه خانه جا تفصيل 1947ع کان وٺي گهريا هئا، جيڪو رڪارڊ آرڪائيوز ۾ موجود آهي، ان کي به ويب سائيٽ تي اپ لوڊ ڪيو وڃي ۽ ان جي هارڊ ڪاپي، پي اي سي کي فراهم ڪئي وڃي.