اسلام آباد – 19 – مارچ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف اعليٰ سطحي وفد سان گڏ 19 کان 22 مارچ 2025ع تائين سعودي عرب جي سرڪاري دوري جي لاءِ روانو ٿي ويو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم جي سعودي عرب جي دوري جو مقصد پاڪستان ۽ سعودي عرب جي وچ ۾ ٻطرفي لاڳاپن کي مضبوط بڻائن، اقتصادي تعاون کي وڌائڻ ۽ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ سيڙپڪاري کي فروغ ڏيڻ آهي. وزيراعظم سان گڏ وفد ۾ نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار سميت اهم وفاقي وزير ۽ اعليٰ عملدار شامل آهن. دوري دوران وزيراعظم جي سعودي ولي عهد ۽ وزيراعظم محمد بن سلمان آل سعود سان ملاقات پڻ متوقع آهي. ملاقات ۾ ٻئي اڳواڻ واپار کي فروغ ڏيڻ، اهم شعبن ۾ حصيداري کي وڌائڻ ۽ وسيع تر اقتصادي تعاون کي آسان بڻائڻ جي طريقن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪندا. ٻنهي اڳواڻن جي ڳالهه ٻولهه ۾ گڏيل دلچسپي جي معاملن بشمول عالمي ۽ علائقائي حالتن خاص طور تي غزه ۽ وچ اوڀر جي اڀرندڙ صورتحال سان گڏوگڏ مسلمان امت بابت مسئلا ايجنڊا ۾ سرفهرست هوندا. وزيراعظم جو دورو پاڪستان ۽ سعودي عرب جي وچ ۾ گهري تاريخي لاڳاپن کي اجاگر ڪري ٿو ۽ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ گڏيل افهام تفهيم ۾ اضافي، واپار، سيڙپڪاري ۾ تعاون وڌائڻ ۽ ٻطرفي، علائقائي ۽ عالمي معاملن تي سفارتي رابطن جي وڌيڪ فروغ جي راهه هموار ڪندو.