اسلام آباد – 18 – مارچ (اي پي پي) پاڪستان غزه تي اسرائيل جي مهلڪ فضائي حملن جي شديد مذمت ڪئي آهي جنهن ۾ 400 کان وڌيڪ بيگناهه فلسطيني شهيد ٿي ويا جن ۾ اڪثر عورتون ۽ ٻار شامل آهن. پرڏيهي آفيس جي ترجمان هڪ بيان ۾ چيو ته رمضان المبارڪ جي مقدس مهيني ۾ جارحيت جو هي ڀيانڪ عمل جنگبندي معاهدي جي کليل خلاف ورزي آهي ۽ ان خطرناڪ اضافي جي نشاندهي ڪري ٿو جنهن سان پوري خطي کي هڪ ڀيرو ٻيهر عدم استحڪام جو خطرو آهي. هن چيو ته اسان عالمي برادري تي زور ڀريون ٿا ته اها تشدد جي فوري خاتمي جي لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪري ۽ غزه ۽ وچ اوڀر ۾ فوري ۽ پائيدار امن جي لاءِ سفارتي ڪوششون ٻيهر شروع ڪري.