اسلام آباد – 18 – مارچ (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير محمد اسحاق ڊار افرادي قوت جي برآمد جي حوالي سان سوشل ميڊيا تي الزامن جي معاملي تي حقيقتون ڄاڻڻ جي لاءِ ڪميٽي جوڙڻ جا حڪم جاري ڪري ڇڏيا. سرڪاري ترجمان پاران جاري بيان موجب افرادي قوت کي ملڪ کان ٻاهر موڪلڻ ۾ مبينا بي ضابطگين جي الزامن بابت ڇنڊڇاڻ جي لاءِ نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير محمد اسحاق ڊار حقيقتون ڄاڻڻ جي لاءِ ڪميٽي جوڙڻ جا حڪم جاري ڪري ڇڏيا آهن. ترجمان موجب ڪميٽي الزامن تي پنهنجون سفارشون نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير کي پيش ڪندي.