اسلام آباد-18 مارچ (اي پي پي) مذهبي معاملن واري وزارت جي مينارٽي ڊولپمينٽ ڪميٽيءَ جو اجلاس مذهبي معاملن واري وفاقي وزير سردار محمد يوسف ۽ مملڪتي وزير کيئلداس ڪوهستاني جي سربراهيءَ ۾ منعقد ٿيو. وزارت جي ترجمان موجب اجلاس ۾ موجوده ۽ اڳوڻي غير مسلم اسيمبلي ميمبرن ۽ ٻين ڪميونٽي اڳواڻن طرفان تجويز ڪيل 53 مينيارٽي ڀلائي جون اسڪيمون پيش ڪيون ويون. وفاقي سيڪريٽري ڊاڪٽر عطاءُ الرحمان، سينيئر جوائنٽ سيڪريٽري ۽ بين المذاهب هم آهنگي ونگ مذهبي معاملن واري سربراهه ڊاڪٽر مرزا علي محسود، عمران رشيد، ڊپٽي سيڪريٽري آءِ ايڇ، ڊپٽي چيف پلاننگ ڊويزن اقبال احمد، ناڻي وزارت جو ڊپٽي سيڪريٽري نويد اختر، سيڪريٽري ايويڪيو ٽرسٽ بورڊ فريد اقبال ڪميٽي ميمبر شامل هئا. ڪميٽي مينيارٽي ڊولپمينٽ فنڊ تحت 39 ملين رپين جي لاڳت جي 31 ننڍين بهبود اسڪيمون منظور ڪري ورتيون. بهبود جي اسڪيمن ۾ غير مسلم عبادتگاهن، صحت ۽ تعليمي مرڪزن ۾ سولر سسٽم ۽ فلٽر پلانٽس جي فراهمي شامل آهي. غير مسلم نادار عورتن کي سلائي مشينن جي فراهمي، عبادتگاهن لاءِ فرنيچر ۽ واڪ ٿرو گيٽ شامل آهن. پُراڻي عمارتن، چار ديوارين جي مرمت، سائونڊ سسٽم ۽ ٻين ضرورتن جي فراهمي به شامل آهن. سمورن منصوبن کي هلندڙ مالي سال جون کان پهرين مڪمل ڪيو ويندو.