اسلام آباد-17 مارچ (اي پي پي) ناڻي ۽ اوڳاڙين واري وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب چيو آهي ته ٽيڪس نظام جي ڊجيٽلائيزيشن لاءِ عالمي ڪنسلٽنگ فرم ميڪ ڪينزي اينڊ ڪمپني جون خدمتون حاصل ڪيون آهن، مقصد ٽيڪس وصولي جي نظام کي جديد رُخن تي آڻڻ آهي، جنهن سان شفافيت ۾ واڌ ۽ محصولن ۾ بهتري جي توقع آهي. قومي اسيمبليءَ ۾ ڌيان ڇڪرايو نوٽيس تي ڳالهائيندي هن چيو ته ميڪ ڪينزي اينڊ ڪمپني جي مدد سان ايف بي آر جي ڊجيٽلائيزيشن ڪئي پئي وڃي جنهن سان ٽيڪس نيٽ کي هٿي ملندي ۽ نظام ۾ شفافيت وڌندي. هن چيو ته ان ڊجيٽلائيزيشن ذريعي انساني مداخلت کي گهٽ کان گهٽ ڪرڻ، ٽيڪس چوري جي روڪٿام ۽ ان سيڪٽر ۾ شامل ڪرڻ لاءِ قدم کنيا پيا وڃن جيڪو ملڪ جي معيشت تي هاڪاري اثر وجهندو.