واشنگٽن – 17 مارچ (اي پي پي) وائيٽ ھائوس چيو آھي ته آمريڪي حملن ۾ يمن ۾ ڪيترائي حوثي اڳواڻ مارجي ويا آھن ۽ پنھنجي خلاف حوثين جون فوجي ڪارروائيون ختم ٿيڻ تائين حملا جاري رکنداسين. پرڏيھي خابرو اداري مطابق آمريڪي پرڏيھي وزير مارڪو روبيو چيو ته يمن تي آمريڪي حملا ان وقت تائين جاري رھندا جيستائين حوثي عالمي جھاز راني ۽ آمريڪا جي سامونڊي ٽريفڪ تي حملا ڪرڻ جي صلاحيت کان محروم نٿا ٿين. ھن زور ڀريندي چيو ته يمن ۾ آمريڪي زميني آپريشن شروع ڪرڻ جي ڪا ضرورت ناھي. ٻئي پاسي آمريڪا جي دفاع واري وزير پيٽ هيگسٿ چيو ته اسان جو ملڪ يمن ۾ حوثين خلاف ان وقت تائين حملا ڪندو جيستائين ھو آمريڪي اثاثن ۽ عالمي جھاز راني کي نشاڻو بڻائڻ واري پنھنجي فوجي ڪارروائين کي نه ٿا روڪن. ھن چيو ته حملا ان وقت تائين جاري رھندا جيستائين حوثي اھو نه ٿا چون اسان جھازن تي بمباري نه ڪنداسين.