لنڊن – 17 مارچ (اي پي پي) مانچسٽر يونائيٽڊ انگلش پريمئير ليگ جي ھڪ ميچ ۾ ليسٽر سٽي جي ٽيم کي آساني سان 3-0 گول تان ھارائي ڇڏيو. اھا مانچسٽر يونائيٽڊ جي اي پي ايل ۾ ڏھين ڪاميابي آھي. راسمس ھوجلنڊ، اليجينڊ روگارناچو ۽ برونو فرنينڊس ھڪ گول ڪري مانچسٽر يونائيٽڊ جي فتح ۾ اھم ڪردار ادا ڪيو. پريمئير ليگ جا دلچسپ مقابلا انگلينڊ ۾ جاري آھن. ڪنگ پائور اسٽيڊيم، ليسٽر، انگلينڊ ۾ کيڏيل ليگ جي اھم ميچ ۾ مانچسٽر يونائيٽڊ ۽ ليسٽرسٽي جون ٽيمون آمھون سامھون ھيون. مانچسٽر يونائيٽڊ جي ٽيم ميچ ۾ انتھائي شاندار ڪارڪردگي جو مظاھرو ڪندي ليسٽرسٽي جي ٽيم کي آساني سان 3-0 گول تان ھارائي ڇڏيو. راسمس ھوجلنڊ، اليجينڊ روگارناچو ۽ برونو فرنينڊس ھڪ، ھڪ گول ڪري پنھنجي ٽيم مانچسٽر يونائيٽڊ جي ڪاميابي ۾ اھم ڪردار ادا ڪيو. ليسٽر سٽي جي ٽيم ميچ ۾ هڪ به گول اسڪور نه ڪري سگھي. واضح رھي ته انگش پريمئير ليگ ۾ مانچسٽر يونائيٽڊ جي ٽيم پوائنٽس ٽيبل تي 37 پوائنٽس سان 13 ھين نمبر تي موجود آھي.