ڪيليفورنيا _17 مارچ (اي پي پي) انگلينڊ جي مشهور ٽينس اسٽار جيڪ اليگزينڊرڊ ريپر پنهنجي ڪاميابين جو سلسلو برقرار رکندي اي ٽي پي انڊين ويلز اوپن ٽينس ٽورنامينٽ کٽي ورتو آهي. 23 سالن جي برطانوي رانديگر جيڪ اليگزينڊرڊ ريپر مردن جي سنگلز مقابلن جي فائنل ميچ ۾ ڊينمارڪ جي ٽينس اسٽار هولگررو کي شڪست ڏئي پنهنجي ڪيريئر جو سڀ کان وڏو ٽائيٽل پنهنجي نالي ڪري ورتو آهي. آمريڪا جي مشهور رياست ڪيليفورنيا جي انڊين ويلز ٽينس گارڊن ۾ جاري اي ٽي پي ايونٽ ۾ سنسني خيز مقابلا جاري آهن. ان فتح بعد جيڪ اليگزينڊرڊ ريپر جو اي ٽي پي ٽائيٽلز جو انگ 03 ٿي ويو آهي. ان کان علاوه مردن جي سنگلز مقابلن جي عالمي درجابندي ۾ 7 به هو درجا ترقي ماڻي 14 هين مان ستين نمبر تي اچي ويو آهي.