واشنگٽن – 17 مارچ (اي پي پي) آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ عدالت پاران ملڪ بدري 14 ڏينهن لاءِ روڪڻ جي حڪم باوجود وينزويلا جي 200 کان وڌيڪ ڏوهارين کي ملڪ بدر ڪري ڇڏيو آهي. ٽرمپ انتظاميا هڪ غير معمولي بيان ۾ چيو آهي ته هڪ جج وٽ آمريڪي انتظاميا جي فيصلي کي معطل ڪرڻ جو اختيار ناهي. پرڏيهي خابرو اداري مطابق ملڪ بدري جي ڪارروائي جج جيمز بواسبرگ جي فيصلي کانپوءِ ٿي، جنهن صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي اغوا، ڀته خوري ۽ ڪانٽريڪٽ ڪلنگ جي الزامن کي منهن ڏيندڙ وينزويلا جي گينگ ٽرين ڊي آراگوا جي 200 کان وڌيڪ مبينا ميمبرن کي تيزي سان ملڪ بدر ڪرڻ لاءِ ايلين اينيميز ايڪٽ جي جنگي اختيارن جي استعمال تي عمل کي معطل ڪري ڇڏيو هو. وائٽ هائوس جي پريس سيڪريٽري هڪ بيان ۾ چيو ته ڪو جج پرڏيهي دهشتگردن سان ڀريل جهاز جي چر پر جي حوالي سان ڪا هدايت نٿو ڪري سگهي. هن وڌيڪ چيو ته عدالت وٽ پنهنجي فيصلي جو ڪو قانوني بنياد ناهي ۽ اهو پرڏيهي معاملن بابت صدارتي قدمن تي وفاقي عدالتن جي دائري ۾ نٿو اچي. آمريڪي هوم لينڊ سيڪيورٽي کاتي ۽ سلواڊور حڪومت ان معاملي تي ڪو تبصرو ناهي ڪيو.