ماسڪو – 17 مارچ (اي پي پي) روس يوڪرين ۾ نيٽو جي امن فوجين جي امڪاني مقرري کي رد ڪندي تجويز پيش ڪئي آھي ته غير هٿياربند مبصر يا ڪنھن شھري نگراني گروپ کي امن معاھدي جي نگراني لاءِ اتي موڪليو وڃي. اھا ڳالھه روس جي نائب پرڏيھي وزير گذريل ڏينھن ھڪ انٽرويو ۾ چئي. پرڏيھي خابرو اداري مطابق ھن چيو ته يوڪرين ۾ امن قائم ڪرڻ جي ڪوششن تي ڳالھه ٻولھه وقت کان اڳ آھي ۽ اھا ڳالھه ھڪ باضابطا امن معاھدو طعي ٿيڻ بعد ئي ٿيڻ گھرجي. ھن ان ڳالھه تي زرو ڀريو ته امن جي ڪارروائين ۾ نيٽو جي شموليت بنيادي طور تي ھڪ تضاد آھي ڇو ته نيٽو پاڻ ان جنگ ۾ ڌر آھي. نيٽو جي حقيقي تاريخ پنھنجي عالمي ۽ علائقائي قبضي کي يقيني بڻائڻ لاءِ فوجي ڪارروائيون ۽ بنان ڪنھن اشتعال جي جارحيت جي تاريخ آھي. روس چيو آهي ته متبادل طور ھڪ غير هٿياربند مبصر مشن يا سويلين مانيٽرنگ گروپ کي امن معاھدي جي ڪجھه رخن جي نگراني لاءِ موڪلي سگھجي ٿو. ھن وڌيڪ چيو ته اھڙي طرح جو مشن مخصوص قدمن جي تعميل کي يقيني بڻائي سگھي ٿو.