بيجنگ -17 مارچ (اي پي پي) چين هڪ ٻيو راڪيٽ ڪاميابي سان خلا ۾ روانو ڪيو آهي. پرڏيهي ميڊيا موجب چين سي اي آر يس-1 نالي ڪيريئر راڪيٽ لانچ ڪيو جنهن 8 سيٽلائيٽس کي خلا ۾ ڇڏيو. اهو راڪيٽ مقامي وقت موجب شام جو 4 لڳي 7 منٽن روانو ٿيو جنهن اتر اولهه چين ۾ جيوڪوان سيٽلائيٽ لانچ سينٽر تان اوريونياو 60-55) 1- سيٽلائيٽ کي پهرين کان طئي ٿيل مدار ۾ پهچايو. مشن زمين جي مدار ۾ ايئر سيٽ 06 ۽ 07 سيٽلائيٽ به لانچ ڪيا.