ڪراچي-17 مارچ (اي پي پي) سنڌ جي سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ عيدالفطر تي اضافي ڀاڙو وٺندڙ ٽرانسپورٽرن خلاف ڪارروائي جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي.سنڌ جي سينيئر وزير ۽ اطلاعات، ٽرانسپورٽ ۽ ماس ٽرانزٽ واري صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته سنڌ سرڪار عوام کي رليف ڏيڻ جو فيصلو ڪندي ٽرانسپورٽ اختيارين کي ڪرايو ڪنٽرول ڪرڻ جا حڪم جاري ڪري ڇڏيا آهن ۽ عيدالفطر جي موقعي تي واڌو ڀاڙو وصول ڪندڙ ٽرانسپورٽرن خلاف ڪريڪ ڊائون ڪيو پيو وڃي. ان سلسلي ۾ ڊي آءِ جي ٽريفڪ ۽ ڪمشنرن کي غيرقانوني ڪرايو وڌائيندڙن خلاف فوري ڪارروائي جون هدايتون جاري ڪيون ويون آهن.سنڌ جي سينيئر صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو ته عيدالفطر جي موقعي تي عوام کي اضافي مالي بار کان بچائڻ لاءِ سنڌ حڪومت هر ممڪن قدم کڻي رهي آهي. اضافي ڀاڙو وصول ڪندڙن خلاف سخت ڪارروائي ٿيندي ۽ ڪنهن کي به عوام جو استحصال ڪرڻ جي اجازت نه ڏني ويندي. هن چيو ته ٽرانسپورٽرن جي ھڪ ھٽي بند ڪري، اضافي ڀاڙو وٺندڙن تي ڏنڊ وڌو ويندو ۽ قانوني ڪارروائي ڪئي ويندي. ٽرانسپورٽ مالڪن کي مقرر ڪيل ڪراين تي عملدرآمد يقيني بڻائڻو پوندو. ٻي صورت ۾ سندن خلاف قانوني ڪارروائي ڪئي ويندي. سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو ته جيڪڏهن ڪو به ٽرانسپورٽر اضافي ڀاڙو وٺي رھيو آھي ته عوام فوري طور تي شڪايت ڪري. هن چيو ته ٽرانسپورٽ کاتي طرفان سنڌ جي سمورن بس اسٽيشنن ۽ ٽرمينلز تي چيڪنگ جو حڪم جاري ڪيو ويو آهي. اضافي ڀاڙو وٺندڙن خلاف روزانو جي بنياد تي ڪارروائي ڪئي ويندي. ٽرانسپورٽ کاتي جو چوڻ آهي ته اضافي ڀاڙي بابت شڪايتون واٽس ايپ نمبر 0300-3495375 تي موڪليون وڃن جڏهن ته عوام [email protected] تي به شڪايتون موڪلي سگهي ٿو.