اسلام آباد -17 مارچ (اي پي پي) قومي سلامتي بابت خصوصي پارلياماني ڪميٽي جو اجلاس 18 مارچ ٿي رهيو آهي. قومي اسيمبلي جي ترجمان موجب رمضان المبارڪ جي تقدس کي برقرار رکندي قومي سلامتي جي پارلياماني ڪميٽي جو اجلاس گهرايو ويو آهي. قومي سلامتي جي پارلياماني ڪميٽي جو اجلاس اِن ڪيمره ٿيندو، اجلاس ۾ سيڪيورٽي صورتحال تي بريفنگ ڏني ويندي، اجلاس کي عسڪري قيادت، پارلياماني ڪميٽي، ملڪ جي موجوده سيڪيورٽي صورتحال کان آگاهه ڪندي. اجلاس ۾ پارليامينٽ ۾ موجود سمورن سياسي پارٽين جا پارلياماني ليڊر ۽ انهن جا نامزد ڪيل نمائنده شرڪت ڪندا. ڪابينه جا لاڳاپيل ميمبر به ان اجلاس ۾ شرڪت ڪندا.