ٽورانٽو – 16 مارچ (اي پي پي) گروپ آف سيون ملڪن (جي -7 ) جي پرڏيهي وزيرن روس تي زور ڀريو آهي ته هو يوڪرين سان 30 ڏينهن جي جنگ بندي قبول ڪري جڏهن ته ان تجويز کي رد ڪرڻ جي صورت ۾ وڌيڪ پابنديون لڳي سگهن ٿيون. ميڊيا رپورٽن موجب ڪينيڊا جي ڪيوبيڪ ۾ ٽن ڏينهن واري اجلاس جي جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته ”جي -7 “ يوڪرين جي علائقائي سالميت ۽ وجود جي حق ۾ پنهنجي آزادي، خودمختياري ۽ سالميت لاءِ حمايت جو اظهار ڪري ٿو. وزيرن روس تي زور ڀريو ته ان معاهدي تي مڪمل عمل ڪري ٻئي صورت ۾ روس تي وڌيڪ پابنديون لڳي سگهن ٿيون ۽ يوڪرين جي حمايت ۾ اضافو ڪري سگهجي ٿو. بيان ۾ مضبوط ۽ قابل اعتماد حفاظتي انتظامن تي زور ڀريو ويو آهي ته جئين ان ڳالهه کي يقيني بڻائي سگهجي ته يوڪرين ڪنهن به نئين جارحيت جي ڪاررواين کي روڪي سگهي ٿو ۽ پنهنجو دفاع ڪري سگهي ٿو. وزيرن روس جي فوج جي مدد ڪرڻ تي اتر ڪوريا ۽ ايران کي تنقيد جو نشانو بڻايو، جڏهن ته هنن چين تي اهڙا هٿيار فراهم ڪرڻ جو الزام لڳايو جن جو فوجي استعمال ٿي سگهي ٿو. ماسڪو کي ڳالهين جي ميز تي آڻڻ لاءِ واشنگٽن جي ڪوششن جي روشني ۾ اهو بيان ذڪر جوڳو آهي. جي -7 ميمبرن گذريل مهيني جي آخر ۾ آن لائن ملاقات کانپوءِ ڪوگڏيل بيان جاري نه ڪيو هو.