رياض – 16 مارچ (اي پي پي) سعودي اولمپڪ ۽ پيرا اولمپڪ ڪميٽي ڊاڪٽر مها بنت احمد الجفالي کي سعودي اسپيشل اولمپڪس فيڊريشن جي صدر طور ٻيهر چونڊي ورتو آهي. ڊاڪٽر مها الجفالي 2024-2020ع جي اولمپڪ مدي دوران فيڊريشن جي بورڊ آف ڊائريڪٽرز سان گڏجي قومي، علائقائي ۽ عالمي سطح تي فيڊريشن کي مضبوط بڻائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو آهي. ڊاڪٽر مها الجفالي سعودي اولمپڪ ۽ پيرا اولمپڪ ڪميٽي جي سربراه اعليٰ شهزادي محمد بن عبدالعزيز ترڪي بن فيصل بن عبدالعزيز ۽ جنرل اسيمبلي جي ميميبرن جو شڪريو ادا ڪيو آهي جن هن تي اعتماد جو اظهار ڪندي کيس ٻيهر 2028ع تائين سعودي اسپيشل اولپمڪس فيڊريشن جي صدارت ۾ توسيع ڪئي آهي.