ماسڪو – 15 مارچ (اي پي پي) روس جي صدر ولاديمير پيوٽن چيو آهي ته روس يوڪرين ۾ جنگ بندي جي آمريڪي تجويز جي اصولي طور تي حمايت ڪري ٿو جڏهن ته ان تڪرار جي بنيادي سببن کي حل ڪرڻو پوندو. ميڊيا رپورٽن موجب بيلا روس جي صدر اليگزينڊر لوڪاشينڪو سان ڳالهين کانپوءِ ڪريملن ۾ نيوز ڪانفرنس ۾ ولاديمير پيوٽن صحافين کي ٻڌايو ته اسان جنگ بندي واري تجويز سان متفق آهيون ۽ يقيني طور تي ان جي حمايت ڪيون ٿا. هن چيو ته اها جنگ بندي اهڙي هجڻ گهرجي جيڪا ڊگهي مدي واري امن جو بنياد بڻجي ۽ بحران جي اصل سببن کي ختم ڪري. روسي صدر ڪيترن ئي اهڙن معاملن جي نشاندهي ڪئي جن بابت ۾ سندس چوڻ هو ته وڌيڪ وضاحت جي ضرورت آهي. هن آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جو شڪريو ادا ڪيو جنهن جو چوڻ آهي ته هو چاهي ٿو ته کيس جنگ ختم ڪرڻ وارين ڪوششن سبب امن قائم ڪندڙ طور ياد رکيو ويندو.