اسلام آباد-14 مارچ (اي پي پي) انساني حقن واري وفاقي وزير سينيٽر اعظم نذير تارڙ پاڪستان ۽ سڄي دنيا ۾ هندو برادريءَ کي رنگن ۽ـ خوشين ڀريي هوليءَ جي پرمسرت موقعي تي دلي مبارڪون پيش ڪيون آهن ۽ چيو آهي ته هي ڏهاڙو اميد، تجديد ۽ نيڪيءَ جي بدي تي فتح جي علامت آهي. انساني حقن واري وزارت مان جاري بيان موجب وفاقي وزير چيو ته هي ڏهاڙو اسان کي ان حقيقت جي ياد ڏياري ٿو ته ٻڌي ۾ طاقت آهي ۽ اسان جي معاشري ۾ هم آهنگي، گڏيل احترام جي بي پناهه اهميت آهي. هن چيو ته پاڪستان هڪ اهڙو ملڪ آهي جتي سڀني مذهبن جا ماڻهو ان جي ترقيءَ ۾ برابريءَ جو ڪردار ادا ڪن ٿا ۽ اسان جو آئين سڀني شهرين کي برابريءَ جا حق ۽ آزادين جي ضمانت ڏي ٿو، اچو هن هوليءَ جي موقعي تي ڀائيچاري، يڪجهتي جي رشتن کي مضبوط ڪريون ۽ هڪ اهڙو معاشرو جوڙيون جيڪو رواداري ۽ شموليت جي عڪاس هجي، سڀني کي هولي جون خوشيون، امن ۽خوشحالي مبارڪ هجي.