بيجنگ – 07 مارچ (اي پي پي) چين جي ميزباني ۾ شنگهائي تعاون تنظيم (ايس سي او) جو سربراهي اجلاس هلندڙ سال تيانجن ۾ منعقد ٿيندو. پرڏيهي ميڊيا مطابق اهو اعلان چين جي پرڏيهي وزير وانگ يي 14هين نيشنل پيپلز ڪانگريس جي ٽئين اجلاس جي موقعي تي معقد پريس ڪانفرنس ۾ ڪيو. هن چيو ته اڳواڻ شنگهائي تعاون تنظيم جي ڪاميابين تي غور ڪرڻ، مستقبل جي منصوبه بندي ۽ سهڪار لاءِ اتفاق راءِ پيدا ڪرڻ لاءِ تيانجن سربراهي اجلاس ۾ گڏ ٿيندا. هن چيو ته ان سان ايس سي او کي چين مان نئون سفر شروع ڪرڻ ۽ هڪ گڏيل مستقبل سان وڌيڪ ويجهي ڪميونٽي ٺاهڻ ۾ مدد ملندي. هن چيو ته اهو سال شنگهائي تعاون تنظيم جو چين جو سال آهي.