اسلام آباد – 07 – مارچ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف وفاقي ڪابينا ۾ شامل ٿيندڙ نئين وفاقي وزيرن، مملڪتي وزيرن، صلاحڪارن ۽ مددگارن کي وزارتن جا قلمدان ڏئي ڇڏيا آهن، حنيف عباسي کي ريلوي واري وزارت، طارق فضل چوڌري پارلياماني معاملن، علي پرويز ملڪ پيٽروليم، خالد مگسي سائنس ۽ ٽيڪنالاجي، شزه فاطمه خواجه آءِ ٽي واري وزارت جو قلمدان ڏنو ويو آهي، ڪابينا ڊويزن ان حوالي سان باقاعده نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو آهي، جڏهن ته حنيف عباسي کي ريلوي واري وزارت، معين وٽو کي پاڻي وسيلن، محمد جنيد انور کي ميري ٽائيم افيئرز، رضا حيات کي دفاعي پيداوار واري وزارت، سردار محمد يوسف کي مذهبي معاملن ۽ بين المذاهب هم آهنگي واري وزارت، راڻا مبشر اقبال کي پبلڪ افيئرز يونٽ ۽ مصطفيٰ ڪمال کي نيشنل هيلٿ سروسز، ريگيوليشنز اينڊ ڪوآرڊينيشن، اورنگزيب خان کچي کي قومي ثقافتي ورثي واري وزارت ڏني وئي آهي. مختار احمد ملڪ کي نيشنل هيلٿ سروسز وارو مملڪتي وزير، طلال چوڌري گهرو معاملن ۽ نارڪوٽڪس ڪنٽرول وارو ومملڪتي وزير، وجيهه قمر کي فيڊرل ايجوڪيشن اينڊ پروفيشنل ٽريننگ وارو مملڪتي وزير مقرر ڪيو ويو آهي. ملڪ رشيد احمد خان نيشنل فوڊ سيڪيورٽي اينڊ ريسرچ وارو مملڪتي وزير، عبدالرحمان ڪانجو پاور ۽ پبلڪ افيئرز يونٽ وارو مملڪتي وزير جڏهن ته عقيل ملڪ کي قانون ۽ انصاف وارو مملڪتي وزير مقرر ڪيو ويو آهي. بلال اظهر ڪياني کي ريلوي جو مملڪتي وزير، کيسومل کيئل داس مذهبي معاملن ۽ بين المسالڪ هم آهنگي وارو مملڪتي وزير، جڏهن ته محمد عون ثقلين کي اوورسيز پاڪستانيز اينڊ هيومن ريسروس ڊيولپمينٽ وارو مملڪتي وزير مقرر ڪيو ويو آهي. سيد توقير حسين شاهه کي وزيراعظم آفيس جو صلاحڪار جڏهن ته محمد علي کي نجڪاري جو صلاحڪار ۽ پرويز خٽڪ کي گهرو معاملن جو صلاحڪار مقرر ڪيو ويو آهي. هارون اختر کي وزيراعظم جو انڊسٽريز اينڊ پروڊڪشن بابت خاص معاون مقرر ڪيو ويو آهي جڏهن ته حذيفه رحمان وزيراعظم جو قومي ورثي اينڊ ڪلچر وارو خاص معاون، مبارڪ زيب وزيراعظم جو قبائلي معاملن وارو خاص معاون ۽ طلحيٰ برڪي وزيراعظم جو سياسي معاملن وارو خاص معاون هوندا.