اسلام آباد – 07 – مارچ (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري قومي اسيمبلي جو اجلاس 11 مارچ اڱاري ڏينهن ساڍي 11 وڳي پارليامينٽ هائوس ۾ طلب ڪري ورتو. قومي اسيمبلي سيڪريٽريٽ موجب صدر قومي اسيمبلي جو اجلاس ائين جي آرٽيڪل 54 جي شق 1 تحت مليل اختيارن کي استعمال ۾ آڻيندي طلب ڪيو آهي. قومي اسيمبلي جو 11 مارچ تي ٿيندڙ اجلاس 16هين قومي اسيمبلي جو 14هون اجلاس هوندو.