اسلام آباد – 07 – مارچ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چين جي صدر شي جن پنگ، وزيراعظم لي ڪيانگ ۽ چيني عوام کي بيجنگ ۾ ٻه ڪامياب اجلاس منعقد ڪرڻ تي مبارڪباد ڏني آهي. سماجي رابطن جي ويب سائيٽ ايڪس تي هڪ ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم چيو ته چين پنهنجي قومي ترقياتي هدفن کي حاصل ڪرڻ جي لاءِ نمايان اڳڀرائي ڪري رهيو آهي، اسان صدر شي جن پنگ جي ويزنري قيادت ۾ چين جي جديديت کان خاص طور تي تمام گهڻو متاثر آهيون. هن چيو ته بحيثيت آئرن برادرز ۽ هر طرح جي صورتحال ۾ اسٽريٽجڪ تعاون جي حصيدارن جي طور تي پاڪستان ۽ چين امن ۽ ترقي جي گڏيل مقصدن تحت تعاون کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي لاءِ گڏجي ڪم ڪندا رهندا.