اسلام آباد – 07 – مارچ (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري مجلس شوريٰ (پارليامينٽ) جو گڏيل اجلاس 10 مارچ 2025ع سومر ڏينهن ٽپهر 3 وڳي پارليامينٽ هائوس ۾ طلب ڪري ورتو آهي. قومي اسيمبلي سيڪريٽريٽ موجب صدر پارليامينٽ جو گڏيل اجلاس آئين جي آرٽيڪل 54 جي شق 1 ۽ آرٽيڪل 56 جي شق 3 تحت مليل اختيارن کي استعمال ۾ آڻيندي طلب ڪيو آهي.