اسلام آباد – 06 – مارچ (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري اڳوڻي چيئرمين جوائنٽ چيفس آف اسٽاف ڪميٽي ۽ اڳوڻي نيول چيف ايڊمرل (ر) افتخار احمد سروهي جي لاڏاڻي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب صدر آصف علي زرداري مرحوم افتخار احمد سروهي جي لاڏاڻي تي پونئيرن سان تعزيت جو اظهار ڪندي ملڪ جي دفاع لاءِ مرحوم جي خدمتن کي ساراهيو. صدر اڳوڻي نيول چيف جي مغفرت جي لاءِ دعا ۽ گهرڀاتين جي لاءِ صبر ۽ جميل جي دعا ڪئي.