ڪراچي-07 مارچ (اي پي پي) سنڌ جي گورنر ڪامران خان ٽيسوري چيو آهي ته واپار ۾ جدت آڻيندڙ نوجوان پاڪستان جو سونهري مستقبل آهن. صنعتڪار، سيڙپڪار ۽ ڪارپوريٽ سيڪٽر تخليقي صلاحيت وارن انهن نوجوانن جي سرپرستي ڪري. اهڙو اظهار هن فيڊريشن آف پاڪستان چيمبرز آف ڪامرس اينڊ انڊسٽري جي انتظام هيٺ ”لانچ پيڊ پاڪستان“ جي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. تقريب ۾ ايف پي سي سي آءِ جي صدر عاطف اڪرام شيخ، سينيئر نائب صدر ثاقب فياض مگون، سفارتڪارن، قونصل جنرلز ،واپارين، صنعتڪارن سوڌو سيڙپڪارن جي وڏي انگ شرڪت ڪئي. گورنر وڌيڪ چيو ته ايف پي سي سي آءِ ۽ ”لانچ پيڊ پاڪستان“ جي سڄي ٽيم کي واڌايون پيش ڪريان ٿو. اهو لانچ پيڊ پاڪستان هڪ نئين باب جي شروعات ثابت ٿيندو. ان سان واپار ترقي وٺندو، سيڙپڪاري جو زور وٺڻ ۽ جدت ۾ اضافو يقيني آهي. هي اهڙو پليٽ فارم آهي جتي نوجوان پنهنجي خوابن کي حقيقت جو روپ ڏيندا. هن چيو ته معيشت جي جدت ۽ ترقي ۾ ٽيڪنالاجي جي اهميت تسليم ٿيل حقيقت آهي. ان سان نوجوان ڪاروباري ذهنن کي رهنمائي ملندي ۽ وسيلا ۽ موقعا ميسر ايندا. هن چيو ته منهنجو تعلق به هڪ بزنس فيملي سان آهي. بزنس لاءِ پرامن ماحول انتهائي اڻٽر آهي. هن چيو ته سيڙپڪارن کي محفوظ ماحول جي ضرورت هوندي آهي ان ڏس ۾ واپار واري صوبائي وزير کي سيڙپڪارن کي همٿائڻ گهرجي. گورنر چيو ته ڊونلڊ ٽرمپ جو آءِ ٽي ۽ ٻين شعبن ۾ سهڪار وڏو قدم آهي. آمريڪا جو صدر چونڊجڻ بعد ڊونلڊ ٽرمپ جي اها پهرين آفر آهي. هن چيو ته آمريڪا جي سهڪار سان صنعتڪار، سيڙپڪار، واپاري برادري ۽ ٻين کي فائدو ٿيندو. هن چيو ته وزيراعظم ۽ آرمي چيف چاهين ٿا ته معيشت مستحڪم ٿئي ۽ هو ان لاءِ ڏينهن رات محنت ڪري رهيا آهن.