سيئول – 06 مارچ (اي پي پي) ڏکڻ ڪوريا ۾ هوائي فوج جي جنگي جهاز هڪ شهري علائقي ۾ غلطي سان 8 گولا ڪيرائي ڇڏيا جنهن جي نتيجي ۾ 7 ڄڻا زخمي ٿي پيا آهن. خوش قسمتي سان انهن 8 گولن مان رڳو هڪ ئي ڦاٽي سگهيو جنهن سبب شهر وڏي نقصان کان بچي ويو. پرڏيهي ميڊيا ٻڌايو آهي ته گادي واري شهر سيئول کان اٽڪل 40 ڪلوميٽر اتر ۾ واقع بين ڪوريائي سرحدي علائقي پوچيون جي شهرين جي گهرن تي ڪيترائي گولا ڪيرايا جنهن سبب 4 ڄڻا شديد زخمي ۽ 3 ڄڻا معمولي زخمي ٿيا آهن. گذريل ڏينهن بمباري جو اهو واقعو لائيو فائر فوجي مشق دوران غلطي سان ٿيو. ڏکڻ ڪوريا جي هوائي فوج جي ”ڪي ايف 16“ جهاز مقامي وقت مطابق اٽڪل 10 وڳي اتر ڪوريا جي سرحد ويجهو پوچيون شهر تي گولا ڪيرايا.