اسلام آباد – 05 – مارچ (اي پي پي) پرڏيهي وزارت گذريل سال سفارتي لاڳاپن کي بحال ڪرڻ ۽ عالمي سطح تي مصروفيتن کي وڌائڻ تي ڌيان ڏنو، اسلام آباد ۾ اعليٰ سطح جي دورن ۽ شنگهائي تعاون تنظيم (ايس سي او) جي حڪومتي سربراهن جي ڪائونسل جي ڪامياب ميزباني انهن ڪوششن کي اجاگر ڪيو، پاڪستان اقتصادي محاذ تي پنهنجي مشنز ۽ قونصلخانن جي فعال تعاون سان خصوصي سيڙپڪاري سهولت ڪائونسل جي ذريعي سيڙپڪاري کي راغب ڪيو. پرڏيهي وزارت جي هڪ رپورٽ ۾ موجوده حڪومت جي هڪ سال جي ڪارڪردگي جو ذڪر ڪندي چيو ويو آهي ته پاڪستان گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن موجب ڄمون ۽ ڪشمير تڪرار جي پرامن حل سميت قومي سلامتي ۽ جيو اسٽريٽجڪ مفادن جي تحفظ جي لاءِ پرعزم آهي. پاڪستان پنهنجي ٻاهرئين ملڪ رهندڙن جي ڀلائي کي يقيني ۽ انهن جي سهولت لاءِ وسيلن کي بهتر بڻائيندي عالمي برادري سان اقتصادي ۽ واپاري لاڳاپن کي مضبوط بڻائڻ کي ترجيح ڏيٿو. پرڏيهي وزارت موجب پاڪستان گهڻ رخي عالمي ڪانفرنس جي ڪاميابي سان ميزباني ڪئي ۽ سفارتي پهچ کي مضبوط ڪيو. پاڪستان سياحت کي فروغ ڏيڻ، عوام سان عوام جي رابطن کي فروغ ڏيڻ ۽ واپاري ۽ ڪاروباري لاڳاپن کي وڌائڻ جي لاءِ پنهنجي مثبت عالمي اميج کي فعال طور تي فروغ ڏنو. پاڪستان سال 2024ع دوران عالمي فورمز خاص طور تي گڏيل قومن ۾ ڄمون ۽ ڪشمير ۽ فلسطين جي ڪاز جي لاءِ پنهنجي سياسي ۽ سفارتي حمايت جاري رکندي سڄي دنيا ۾ سفارتي لاڳاپن کي مضبوط بڻائڻ جي لاءِ فعال طور تي ڪم ڪيو. رپورٽ موجب پاڪستان سمورن لاڳاپيل عالمي فورمز خاص طور تي گڏيل قومن ۽ او آءِ سي ۾ ڄمون ۽ ڪشمير جي عوام جي ڀرپور سياسي، اخلاقي ۽ سفارتي حمايت جو اعلان ڪيو. وزيراعظم گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي ۾ پنهنجي خطاب ۾ ڄمون ۽ ڪشمير مسئلي کي اجاگر ڪيو. نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير بنجول گيمبيا ۾ منعقد 15هين او آءِ سي سربراهي اجلاس ۾ ڄمون ۽ ڪشمير تي پاڪستان جي اصولي موقف تي زور ڏنو، ڪانفرنس ۾ هڪ جامع پڌرنامي ۾ گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن ۽ ڪشميري عوام جي خواهشن موجب ڄمون ۽ ڪشمير تڪرار جي منصفاڻي حل جي حمايت جي توثيق ڪئي وئي. پڌرنامي ۾ پاڪستان فلسطيني ڪاز جي مسلسل اڻٿڪ سفارتي حمايت ۽ اسرائيلي جارحيت جي مذمت ڪئي. پاڪستان گڏيل قومن، او آءِ سي ۽ ڊي ايٽ جهڙن عالمي پليٽ فارمز تي فلسطينين جي حقن جي وڪالت ڪئي. وزيراعظم رياض ۾ فلسطين تي عرب – او آءِ سي سربراهي اجلاس ۾ شرڪت ڪئي جڏهن ته نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير بنجول ۾ او آءِ سي جي 15هين سربراهي اجلاس ۽ ڊي ايٽ جي پرڏيهي وزيرن واري ڪائونسل جي غيرمعمولي اجلاس ۾ پاڪستان جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. پاڪستان اردن ۾ غزه بابت اعلي سطحي ڪانفرنس ۾ پڻ شرڪت ڪئي ۽ والاريل فلسطيني علائقن ۾ اسرائيلي پاليسين جي حوالي سان انصاف جي عالمي عدالت ۾ پنهنجو بيان پيش ڪيو. پاڪستان غزه تڪرار جي شروع ٿيڻ کانپوءِ کان فوري جنگبندي، بنا روڪ ٽوڪ انساني امداد جي فراهمي جو مطالبو ڪيو ۽ چيو ته 1967ع کان اڳ جي سرحدن تي ٻڌل فلسطين جي گادي وارو شهر القدس الشريف هجي. وزيراعظم سياسي، اقتصادي ۽ سيڙپڪاري جي لاڳاپن کي وڌائڻ جي لاءِ چين، سعودي عرب ۽ گڏيل عرب امارات سميت ڪيترن ئي ملڪن جا سرڪاري دورا ڪيا. رپورٽ ۾ چيو ويو ته عالمي سربراهي اجلاسن بشمول گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي، ڪوپ 29 ۽ ايس سي او ڪائونسل آف هيڊز آف گورنمينٽ ۾ پاڪستان جي موجودگي عالمي تعاون جي لاءِ ان جي عزم جي عڪاسي ڪري ٿي. پاڪستان 2025 – 2026ع جي مدي لاءِ گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل ۾ غيرمستقل سيٽ پڻ سنڀالي ورتي ۽ اسلامو فوبيا جي خلاف گڏيل قومن جي قرارداد کي منظور ڪرڻ جي قيادت ڪئي. رپورٽ موجب پاڪستان واپاري ۽ اقتصادي سفارتڪاري ۾ اهم اتحادين سان پنهنجي حصيداري کي وڌايو، روانگي واپار ۾ اضافو ڪيو، غيرملڪي سيڙپڪاري کي محفوظ بڻايو ۽ علائقائي ۽ عالمي طاقتن سان ٻطرفي معاهدن کي فروغ ڏنو، اهي سفارتي ڪاميابيون عالمي معاملن، گهڻ رخي تعاون ۽ اقتصادي مشغوليت ۾ پاڪستان جي فعال ڪردار جي نشاندهي ڪن ٿيون. ڪرغزستان ۾ شاگردن جي بحران دوران پاڪستاني سفارتخاني وقت سر مدد فراهم ڪئي، مقامي عملدارن سان هم آهنگي پيدا ڪري انخلا ۾ سهولت فراهم ڪئي. رپورٽ ۾ وڌيڪ ٻڌايو ويو آهي ته پاڪستاني مشنز يونان، مراڪش ۽ ليبيا ۾ ٻيڙين جي سانحن کانپوءِ متاثرين ۽ بچي ويندڙن جي سڃاڻپ ڪئي جڏهن ته ڪرائيسز مئنيجمينٽ يونٽ گهرڀاتين کي آگاهه ڪيو. پرڏيهي وزارت دستاويز جي قانوني حيثيت کي هموار ڪرڻ جي لاءِ هڪ آن لائين اپاسٽائل سرٽيفڪيٽ پورٽل شروع ڪيو جڏهن ته 28 ۽ 29 مئي 2024ع تي ”گنڌارا کان دنيا تائين“ جي عنوان سان ٻڌمت جي ورثي، ثقافتي تعاون ۽ سياحت کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ ٻن ڏينهن واري سمپوزيم ۾ عالمي مذهبي اڳواڻن ۽ اسڪالرز کي گڏ ڪيو. ان سان گڏوگڏ فيشن شوز، قوالي پرفارمنس ۽ پاڪستان نائٽس سميت سڄي دنيا ۾ 50 کان وڌيڪ ثقافتي تقريبن پاڪستان جي اميج کي فروغ ڏنو.