اسلام آباد – 05 – مارچ (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري بنون ڪينٽ ۾ دهشتگردن جو بهادري سان مقابلو ڪندي جان جو نذرانو پيش ڪندڙ 5 جوانن کي خراج عقيدت پيش ڪندي چيو آهي ته پاڪ فوج جي بهادر جوانن بهادري سان خوارجي دهشتگردن جو مقابلو ڪيو. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب صدر چيو ته مزاحمت دوران 4 خودڪش حملي آورن سميت 16 دهشتگردن جو خاتمو ساراهه جوڳو آهي. هن واقعي ۾ 5 جوانن سميت معصوم شهرين جي شهادت تي افسوس جو اظهار ڪيو. صدر شهيدن جي درجن جي بلندي ۽ گهرڀاتين سان همدرديءَ جو اظهار ڪيو. صدر آصف علي زرداري دهشتگردي جي واقعي جي زخمين جي لاءِ جلد صحتيابي جي پڻ دعا ڪئي.