ماسڪو – 04 مارچ (اي پي پي) روس يوڪرين ۾ يورپي امن جٿن جي مقرري جي مخالفت ڪري ڇڏي آھي. پرڏيھي خابرو اداري مطابق ويانا ۾ روس جي مستقل نمائندي چيو آھي ته روس واضح طور تي يوڪرين ۾ يورپي امن فوجين جي مقرري جي خلاف آھي. ھن پنھنجي ٽيلي گرام چينل تي لکيو ته يورپي امن فوجين کي يوڪرين ۾ عارضي طور مقرر ڪرڻ جو خيال انتھائي اعتراض جوڳو آھي. ھن چيو ته ڪنھن به ملڪ ۾ مقرر ڪيل امن فوج لاءِ ضروري آھي ته اها غير جانبدار ھجي پر يورپي يونين جا ملڪ ان تڪرار ۾ غير جانبدار نه آھن پر اھي کلي نموني روس خلاف يوڪرين جي مدد ڪري رھيا آھن. ھن چيو ته يورپي يونين طرفان يوڪرين ۾ امن فوج مقرر ڪرڻ جي تجويز غير معقول آهي ۽ روس ان جي سخت خلاف آھي.