عمر ڪوٽ-03 مارچ (اي پي پي)اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان جي نوٽيفيڪشن موجب قومي اسيمبليءَ جي تڪ 213 عمر ڪوٽ ۾ ننڍي چونڊ لاءِ شيدول جاري ڪيو ويو آهي. چونڊ شيڊول موجب 3 مارچ تي رٽرننگ آفيسر پبلڪ نوٽيس جاري ڪندو ۽ 4 کان 6 مارچ تائين نامزدگيءَ وارا ڪاغذ جمع ٿيندا. 7 مارچ تي اميدوارن جي شروعاتي فهرست جاري ٿيندي ۽ 13 مارچ تائين اميدوارن جي نامزدگي وارن ڪاغذن جي جاچ پڙتال ٿيندي، منظور يا رد ٿيندڙ نامزدگي وارن ڪاغذن خلاف اپيلون جمع ڪرائڻ جي تاريخ 17 مارچ جڏهن ته اپيلن تي فيصلا 24 مارچ تائين ٿيندا ۽ 25 مارچ تي اميدوارن جي شروعاتي فهرست جاري ٿيندي. شيڊول موجب 26 مارچ تائين اميدوار هٿ کڻي سگهندا ۽ 27 مارچ تي اميدوارن جي حتمي فهرست جاري ۽ کين چونڊ نشان الاٽ ٿيندا. جڏهن ته 17 اپريل تي چونڊ ٿيندي. واضح رهي ته هي تڪ قومي اسيمبليءَ جي ميمبر نواب يوسف ٽالپر جي لاڏاڻي کانپوءِ خالي ٿي هئي.