اسلام آباد – 03 – مارچ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ڪنزيومر پرائس انڊيڪس جي حوالي سان ناڻي واڌ ۾ مسلسل گهٽتائي تي اطمينان جو اظهار ڪندي چيو آهي ته معيشت جي بهتري، ڪاروبار ۽ سيڙپڪاري جي فروغ جي لاءِ سمورا ادارا گڏجي ڪم ڪري رهيا آهن، اميد آهي ته ناڻي واڌ ۾ وڌيڪ گهٽتائي ٿيندي. وزيراعظم آفيس جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم چيو ته موجوده حڪومت پنهنجو هڪ سال پورو ڪري رهي آهي، ان موقعي تي اها هڪ انتهائي سٺي خبر آهي، اها ڳالهه انتهائي خوش آئنده آهي ته ناڻي واڌ فيبروري 2025ع ۾ 1.5 سيڪڙو تي اچي وئي جيڪا سيپٽمبر 2015ع کانپوءِ سڀ کان گهٽ ناڻي واڌ شرح آهي، جولاءِ 2024ع کان فيبروري 2025ع تائين ناڻي سراسري 5.9 سيڪڙو تائين رهي جڏهن ته گذريل مالي سال ۾ انهي عرصي ۾ اها سراسري 28 سيڪڙو هئي، اها هڪ نمايان گهٽتائي آهي. هن چيو ته حڪومت جي معاشي ٽيم جي شاندار ڪوششن جي ڪري معاشي انگ اکر هر گذريندڙ ڏينهن سان بهتر ٿي رهيا آهن، معيشت ۾ مسلسل بهتري ٽيم ورڪ جو نتيجو آهي. هن چيو ته معيشت جي بهتري، ڪاروبار ۽ سيڙپڪاري جي فروغ جي لاءِ سمورا ادارا گڏجي ڪم ڪري رهيا آهن، ميڪرو اڪنامڪ معاشي بهتري جو فائدو عوام تائين پهچڻ شروع ٿي ويو آهي. وزيراعظم چيو ته مون کي اميد آهي ته ناڻي واڌ ۾ وڌيڪ گهٽتائي ٿيندي، عوام کي گهٽ اگهن تي ضرورت جي شين جي فراهمي حڪومت جي اولين ترجيح آهي.