اسلام آباد – 03 – مارچ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف سان پاڪستان ۾ مقرر برطانوي هاءِ ڪمشنر جين ميريٽ ملاقات ڪئي. وزيراعظم آفيس جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم شاهه چارلس ٽئين جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو ۽ سندس مڪمل صحتيابي جي خواهش ڪئي. هن شاهه چارلس ٽئين کي پاڪستان جي دوري جي دعوت جو ورجاءُ ڪيو. وزيراعظم ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ٻطرفي لاڳاپن ۾ ٿيندڙ اڳڀرائي تي پڻ اطمينان جو اظهار ڪيو. عالمي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪندي وزيراعظم غزه ۽ يوڪرين ۾ پائيدار امن قائم ڪرڻ جي لاءِ گڏيل ڪوششن جي ضرورت تي زور ڏنو. برطانوي هاءِ ڪمشنر چيو ته سندس ملڪ پاڪستان سان پنهنجي لاڳاپن کي مضبوط بڻائڻ ۽ پاڪستان ۾ حصيداري جاري رکڻ جي لاءِ پرعزم آهي.