دبئي -03 مارچ (اي پي پي ) يونان جي مشهور ٽينس اسٽار ۽ ايونٽ جي فورٿ سيڊڊ اسٽيفانوس سيٽسياس پنهنجي بهترين ڪارڪردگي عيوض اي ٽي پي دبئي اوپن ٽينس ٽورنامينٽ کٽي ورتو آهي . 26 ورهين جي يونان جي ٽينس اسٽار اسٽيفانوس مردن جي سنگلز مقابلن جي فائنل ميچ ۾ ڪينيڊا جي مخالف رانديگر فيلڪس اوجراليا سائم کي شڪست ڏئي ڪيريئر جو 12 هون اي ٽي پي ٽائٽل پنهنجي نالي ڪيو. گڏيل عرب امارات ۾ دبئي جي ايوي ايشن ڪلب ٽينس سينٽر ۾ اي ٽي پي دبئي اوپن ٽينس ٽورنامينٽ جا انتهائي دلچسپ ۽ ڪانٽيدار مقابلا جاري آهن جنهن ۾ شوقينن کي ٽينس جا شاندار مقابلا ڏسڻ لاءِ ملي رهيا آهن. اي ٽي پي ايونٽ ۾ مردن جي سنگلز مقابلن جي فائنل ميچ ۾ يونان جي مشهور ٽينس اسٽار ۽ ايونٽ جي فورٿ سيڊڊ اسٽيفانوس سيٽسياس انتهائي شاندار راند پيش ڪندي ڪينيڊا جي مخالف رانديگر فيلڪس اوجراليا سائم کي اسٽريٽ سيٽس ۾ 6-3 ۽ 6-3 تان شڪست ڏئي نه رڳو ايونٽ ۾ ڪاميابي ماڻي پر ان فتح بعد سندس اي ٽي پي ٽائيٽلز جو انگ 12 ٿي ويو آهي.اسٽيفانوس جو اي ٽي پي 500 جو پهريون ٽائيٽل آهي جيڪو هن حاصل ڪيو آهي.