اسلام آباد – 03 مارچ (اي پي پي) واپڊا درياهن ۽ آبي ذخيرن ۾ پاڻي جي آمد ۽ ڇوڙ جا انگ اکر جاري ڪيا آهن. جاري ڪيل انگن اکرن مطابق سنڌو درياهه ۾ تربيلا وٽ پاڻي جو مٿانهون وهڪرو 13 هزار ڪيوسڪ ۽ هيٺانهون وهڪرو 25 هزار ڪيوسڪ، ڪابل درياهه ۾ نوشهره وٽ پاڻي جو مٿانهون وهڪرو 16 هزار 800 ڪيوسڪ ۽ هيٺاهون وهڪرو 16 هزار 800 ڪيوسڪ، خيرآباد پل تي پاڻي جي ميٺانهون وهڪرو 27 هزار 800 ڪيوسڪ ۽ هيٺانهون وهڪرو 27 هزار 800 ڪيوسڪ، جهلم درياهه ۾ منگلا وٽ پاڻي جو مٿانهون وهڪرو 14 هزار 200 ڪيوسڪ ۽ هيٺانهون وهڪرو 15 هزار ڪيوسڪ، چناب درياهه ۾ مراله وٽ پاڻي جو مٿانهون وهڪرو 11 هزار 300 ڪيوسڪ ۽ هيٺانهون وهڪرو ٻڙي ڪيوسڪ رڪارڊ ڪيو ويو. تربيلا ڊيم جو گهٽ ۾ گهٽ آپريٽنگ ليول 1402 فوٽ، ڊيم ۾ پاڻي جي موجوده سطح 1411.26 فوٽ ۽ ڊيم ۾ پاڻي ذخيرو ڪرڻ جي انتهائي سطح 1550 فوٽ، استعمال جوڳو پاڻي جو ذخيرو 0.102 ملين ايڪڙ فوٽ آهي. منگلا ڊيم جو گهٽ ۾ گهٽ آپريٽنگ ليول 1050 فوٽ، ڊيم ۾ پاڻي جي موجوده سطح 1186.90 فوٽ، ڊيم ۾ پاڻي ذخيرو ڪرڻ جي انتهائي سطح 1242 فوٽ ۽ استعمال جوڳو پاڻي جو ذخيرو 0.226 ملين ايڪڙ فوٽ آهي. چشمه بئراج جو گهٽ ۾ گهٽ آپريٽنگ ليول 638.15 فوٽ، پاڻي جي موجوده سطح 640.50 فوٽ بئراج ۾ پاڻي ذخيرو ڪرڻ جي انتهائي سطح 649 فوٽ ۽ استعمال جوڳو پاڻي جو ذخيرو 0.109 ملين ايڪڙ فوٽ رڪارڊ ڪيو ويو.