اسلام آباد – 02 مارچ (اي پي پي) پاڪستان جي 16هين قومي اسيمبلي جو پهريون پارلياماني سال ڪاميابي سان مڪمل ٿي ويو. عوامي فنڊز ۾ هڪ ارب روپين جي بچت ڪئي وئي. 51 بلز منظور ڪيا ويا جنهن ۾ 26هين آئيني ترميم به شامل آهي. قومي اسيمبلي جو پهريون پارلياماني سال مڪمل ٿيڻ، پارلياماني ۽ قانونسازي جي تاريخ ۾ هڪ اهم سنگ ميل آهي، قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق جي ويزن موجب اسيمبلي قانونسازي جي ميدان ۾ ذڪر جوڳي اڳڀرائي ڪئي آهي، جنهن ۾ 40 حڪومتي بلز ۽ 11 پرائيويٽ ميمبرن جا بلز ڪاميابي سان منظور ڪيا ويا، گذريل سال جي ڀيٽ ۾ 36 حڪومتي بلز ۽ 6 پرائيويٽ ميمبرن جا بلز قانون بڻجي ويا. قومي اسيمبلي جي جاري ڪيل رپورٽ موجب قومي اسيمبلي جا 13 اجلاس منعقد ٿيا ۽ 130 ڏينهن جي پارلياماني ڪارروائي مڪمل ٿي، ان کان علاوه پهرين سال دوران 26 قراردادون منظور ڪيون ويون ۽ وزارتن جا 1059 اسٽارڊ ۽ 264 ان اسٽارڊ سوالن جا جواب ڏنا. قومي اسيمبلي ۾ 69 ڌيان ڇڪايو نوٽيس ۽ رول 259 تحت 4 رٿن تي بحث مڪمل ٿيو. مالي سال 2025ع جي بجيٽ سيشن دوران قومي اسيمبلي 25-2024ع جي سالياني بجيٽ کي مڪمل بحث کان پوءِ منظور ڪيو جنهن ۾ قومي اسيمبلي جي ميمبرن طرفان مالياتي بل ۾ پيش ڪيل ترميمن کي شامل ڪيو ويو. سڀ کان نمايان اڳڀرائي 26هين آئيني ترميمي بل جي منظوري هئي، جنهن جو مقصد عدالتي سڌارا ۽ پارلياماني بالادستي کي مضبوط بڻائڻ هو، ٻي اهم قانونسازي ۾ ڊجيٽل نيشن پاڪستان ايڪٽ 2025 شامل آهي، جنهن جو مقصد پاڪستان جي ڊجيٽل معيشت کي بهتر بڻائڻ آهي ۽ اليڪٽرانڪ ڏوهن جي روڪٿام (ترميم) ايڪٽ 2025ع جيڪو سائبر سيڪيورٽي ۽ ڊجيٽل ڏوهن جي قانون کي اپڊيٽ ڪري ٿو، موجوده اسيمبلي جي پهرين پارلياماني سال دوران اسپيڪر غير جانبداراڻي طور تي اسيمبلي جي ڪارروائي هلائي، ۽ عوامي اهميت جي قانونسازي جي عمل ۾ حڪومت ۽ مخالف ڌر وچ ۾ پل جو ڪردار ادا ڪيو. سردار اياز صادق سوالن جي وقفي تي خاص ڌيان ڏنو ته جيئن عوامي مسئلن کي اجاگر ڪري سگهجي ۽ ان جو حل ڪڍي سگهجي. سوالن جي وقفي دوران جڏهن اهم عوامي سوالن جا جواب نه ڏنا ويا ته هن لاڳاپيل وزارتن جي سيڪريٽريز کي طلب ڪيو ۽ کين تنبيهه ڪئي ۽ هر سوال جو جواب ڏيڻ جي هدايت ڪئي. اسپيڪر جي آفيس پهرين پارلياماني سال دوران سياسي سرگرمين جو مرڪز بڻي، هن قومي اسيمبلي جي ميمبرن خاص طور مخالف ڌر لاءِ پنهنجا دروازا هميشه کليل رکيا، پهرين پارلياماني سال دوران حڪومتي بئنچن کي اسيمبلي ۾ 71 ڪلاڪن جو وقت ڏنو ويو، جڏهن ته مخالف ڌر جي بئنچن کي 66 ڪلاڪن جو وقت ڏنو ويو. جيڪو انهن جي اسيمبلي ۾ موجودگي کان ڪيترائي ڀيرا وڌيڪ آهي، هي اسپيڪر اياز صادق جي غيرجانبداري جي عڪاسي آهي، قومي اسيمبلي پنهنجي انتظامي ڪارڪردگي ۽ جوابدهي کي بهتر بڻائڻ ۾ به ذڪر جوڳي اڳڀرائي ڪئي آهي. اسپيڪر سردار اياز صادق جي اڳواڻي ۾ قومي اسيمبلي جي فنانس ڪميٽي، سيڪريٽريٽ جي آپريشنز کي بهتر بڻائڻ لاءِ پاليسي قدمن جي منظوري ڏني. قومي اسيمبلي سيڪريٽريٽ جي ”رائيٽ سائيزنگ“ جو عمل 3 مرحلن ۾ مڪمل ڪيو پيو وڃي. هن وقت تائين پهريون ۽ ٻيو مرحلو ڪاميابي سان مڪمل ٿي چڪو آهي، جنهن جي نتيجي ۾ گريڊ هڪ کان 19 تائين 220 غيرضروري عهدن کي ختم ڪيو ويو آهي. انهن سڌارن جي نتيجي ۾ عوامي خرچن ۾ ساليانو 563 ملين روپين کان وڌيڪ جي بچت ٿي آهي. سردار اياز صادق ٽئين مرحلي جي سڌارن کي لاڳو ڪرڻ سان ساليانو هڪ ارب روپين جي بچت جو هدف به مقرر ڪيو آهي. اهي قدم قومي اسيمبلي سيڪريٽريٽ جي آپريشنز کي موثر بڻائڻ ۽ عوامي فنڊز جي استعمال ۾ شفافيت ۽ جوابدهي کي يقيني بڻائڻ جي وسيع ڪوششن جو حصو آهي. انتظامي سڌارن جي پهرين مرحلي ۾ 90 غيرضروري عهدن کي ختم ڪيو ويو جنهن جي نتيجي ۾ ساليانو 255.84 ملين روپين جي بچت ٿي، هي نمايان خرچن ۾ گهٽتائي قومي اسيمبلي جي آپريشنل ڪارڪردگي کي بهتر بڻائڻ ۽ ٽيڪس ڏيندڙن جي پئسي کي دانشمندي سان استعمال ڪرڻ جي عزم کي ظاهر ڪري ٿو. سردار اياز صادق جي خاص هدايتن تحت پارليامينٽ جي عمارت کي قومي علامت بڻائڻ لاءِ تبديلي جو عمل شروع ڪيو ويو آهي، جنهن ۾ پارليامينٽ جي مڪمل ڊجيٽلائيزيشن تي ڌيان ڏنل آهي، پنهنجي عهدي جي پهرين سال جي موقعي تي اياز صادق هڪ تبديلي تي ٻڌل پارلياماني ايجنڊا کي اڳتي وڌايو، عورتن، ٻارن ۽ نوجوانن جي حقن جي حمايت ڪئي ۽ پاڪستان جي پائيدارترقياتي هدف (ايس ڊي جي) جي عزم کي اڳتي وڌايو. ان جي اڳواڻي جي هڪ نمايان خصوصيت صوبائي ۽ قانون سازي جي اسيمبلين ۾ اهم پارلياماني ادارن جي بحالي ۽ واڌ رهي اهي، جنهن ۾ وومين پارلياماني ڪاڪس (ڊبليو پي سي) صنفي برابري، قانونسازي جي سڌارن، ۽ فيصلا سازي ۾ عورتن جي نمائندگي کي وڌائڻ جي وڪالت، چائلڊ رائيٽس تي پارلياماني ڪاڪس، ٻارنج ي تحفظ ۽ بااختيار بڻائڻ لاءِ قانونسازي ۽ پاليسي مداخلت کي مضبوط بڻائڻ، ينگ پارليامينٽيرينز فورم، اڀرندڙ قانونسازن لاءِ صوبائي سطح تي گڏيل تعاون، صلاحيتن جي تعمير ۽ مشغوليت کي هٿي ڏيڻ، ايس ڊي جيز تي پارلياماني ٽاسڪ فورس جامع ۽ منصفاڻي پاليسين ذريعي پاڪستان جي عالمي ترقياتي عهدن کي اڳتي وڌائڻ شامل آهي. پارلياماني روايتن ۽ قانون کي برقرار رکندي سردار اياز صادق 37 قومي اسيمبلي اسٽينڊنگ ڪميٽيز جي قيام جي اڳواڻي ڪئي جنهن ۾ سمورن سياسي پارٽين کي نمائندگي ڏني وئي. اسٽينڊنگ ڪميٽيز جا 233 اجلاس ٿيا ۽ گذريل ڪميٽي جي پبلڪ سيڪٽر ڊولپمينٽ پروگرام (پي ايس ڊي پي) جو جائزو ورتو ويو. ان جي اڳواڻي ۾ هي فورمز انتهائي فعال رهيو جنهن پاليسي ڊائلاگ، قانونسازي جي ورڪشاپس، عوامي مشاورت، ۽ عالمي مشغوليت کي منظم ڪيو. صوبائي فورمز/ ڪاڪسز جي قيام شرڪت کي وڌيڪ وسيع ڪيو جنهن سان اهو يقيني بڻايو ويو ته قانونسازي جا قدم بنيادي مسئلن کي حل ڪن ٿا. پارلياماني تعاون ۽ ڳالهين کي بهتر بڻائڻ جي عزم جو اظهار ڊسمبر 2024ع ۾ پارليامينٽ هائوس ۾ 18هين اسپيڪرز ڪانفرنس جي ڪامياب ميزباني سان ٿي. هي پروقار تقريب جيڪا هڪ ڏهاڪو دير جو شڪار هئي، پاڪستان جي صوبائي ۽ قانونسازي جي ادارن جي اسپيڪرز ۽ صدارتي آفيسرن کي گڏ ڪيو، ته جيئن قانونسازي جي طريقيڪار کي مضبوط بڻائڻ ۽ سڄي ملڪ ۾ حڪمراني کي بهتر بڻائڻ تي خيالن جي ڏي وٺ ڪري سگهجي. اياز صادق جنهن 2014ع ۾ 17هين اسپيڪرز ڪانفرنس جي اڳواڻي ڪئي هئي. هن اهم تقريب جي بندوبست ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. ڪانفرنس نه رڳو قيمتي خيالن ۽ تجربن جي مٽاسٽا جي اجازت ڏني پر پاڪستان جي مختلف قانونسازي جي ادارن وچ ۾ مضبوط لاڳاپن کي هٿي ڏيڻ ۾ به مدد ڪئي. جنهن سان قانونسازي جي ترقي لاءِ هڪ متحد نقطئه نظر کي يقيني بڻايو ويو. 18هين اسپيڪرز ڪانفرنس جي پڄاڻي تي اسلام آباد ڊڪليئريشن کي اختيار ڪيو ويو جنهن ۾ عالمي سلامتي، مالياتي ذميواري، ۽ شهرين تي ٻڌل حڪمراني جي اجتماعي عزم جي تصديق ڪئي وئي. جنيوا ۾ 148هين انٽر پارلياماني يونين (آءِ پي يو) اسيمبلي ۾ اياز صادق عالمي ترقي ۾ جمهوريت، امن ۽ قانون جي حڪمراني جي اهم ڪردار تي زور ڀريو. هن پرامن ڳالهين لاءِ پاڪستان جي عزم جي تصديق ڪئي ۽ عالمي تعاون کي مضبوط بڻائڻ ۾ پارلياماني فرينڊشپ گروپس جي اهميت کي اجاگر ڪيو. غزه ۾ وڌندڙ تشدد تي گهري ڳڻتي جو اظهار ڪندي اسرائيلي ڪارروائين کي جنگي ڏوهن ۽ انسانيت خلاف ڏوهه قرار ڏنو، جنهن ۾ 30 هزار کان وڌيڪ شهرين جي مارجڻ ۾ عورتن ۽ ٻارن جو ذڪر به شامل آهي. 21 آگسٽ 2024ع تي منسڪ ۾ پنهنجي سرڪاري دوري دوران اياز صادق بيلا روس سان لاڳاپن کي مضبوط بڻائڻ جي پاڪستان جي عزم جي تصديق ڪئي ۽ توانائي، واپار ۽ زراعت ۾ پارلياماني تعاون ۽ گڏيل حصيداري کي وڌائڻ تي زور ڀريو، اسپيڪر ايگور، زرجينڪو ۽ صدر اليگزينڊر لڪاشينڪو سان ملاقاتن ۾ هن ڪشمير ۽ فلسطين ۾ انساني حقن جي خلاف ورزين سميت عالمي ۽ علائقائي مسئلن تي روشني وڌي ۽ ڪشمير تي گڏيل قومن جي قرارداد ۽ غزه ۾ فوري جنگ بندي جي حمايت ڪئي. موسمياتي تبديلي تي ڳالهائيندي هن پاڪستان جي گهٽ خرچن باوجود ان جي ڪمزوري تي زور ڀريو. اياز صادق 27 نومبر کان پهرين ڊسمبر 2024ع تائين روس ۾ هڪ اعليٰ سطحي پارلياماني وفد جي اڳواڻي ڪئي جيڪو اسٽيٽ ڊوما جي چيئرمين وولودين ويچيسلا ووڪٽورووچ جي دعوت تي هو. هن دوري جو مقصد پارلياماني سفارتڪاري ذريعي ٻه طرفن لاڳاپن کي بهتر بڻائڻ هو جنهن ۾ ڪيترين ئي سياسي پارٽين جي نمائندگي ڪندڙ وفد شامل هو. هن سفارتي، اقتصادي ۽ ثقافتي لاڳاپن کي مضبوط بڻائڻ ۽ اعتماد کي هٿي ڏيڻ ۾ پارلياماني تعاون جي اهميت تي زور ڀريو. 28 آڪٽوبر 2024ع تي اسلام آباد ۾ پارليامينٽيرينز فار گلوبل ايڪشن جو 45هون ساليانو فورم منعقد ٿيو. جنهن ۾ 46 پرڏيهي پارليامينٽيرينز ۽ 14 ورچوئل ڊيليگيٽس شرڪت ڪئي. قومي اسيمبلي جي اسپيڪر جي صدارت ۾ هن تقريب عالمي چئلينجز سميت انساني حقن جي خلاف ورزين، صاف پاڻي تائين رسائي ۽ تڪرارن جي حل ۾ پارليامينٽيرينز جي اهم ڪردار تي زور ڀريو. اياز صادق فلسطين ۾ اسرائيلي اڳرائي جي مذمت ڪئي ۽ غزه ۽ ڀارت جي قبضي هيٺ ڄمون ڪشمير ۾ انساني بحران کي اجاگر ڪيو. مسجد نبوي صلي الله عليھ وآلھ وسلم جي امام شيخ ڊاڪٽر صلاح محمد البدير ۽ ناليواري اسلامي اسڪالر ڊاڪٽر ذاڪر نائيڪ به پاڪستان جي قومي اسيمبلي جو دورو ڪيو. پارلياماني اداري ۾ انهن جي موجودگي مذهبي هم آهنگي ۽ ڳالهين کي هٿي ڏيڻ جي پاڪستان جي عزم کي ظاهر ڪيو. جيڪو پاڪستان جي اسلامي دنيا سان گهري وابستگي جي عڪاسي ڪري ٿو. اسپيڪر جي اڳواڻي ۾ پارلياماني وفد هنگري جو دورو ڪيو ۽ پارلياماني دوري لاءِ بڊاپيسٽ ۾ هنگري جي قومي اسيمبلي جي اسپيڪر لازلو ڪوور سان ملاقات ڪئي. پاڪستان پهريون ڀيرو ڪامن ويلٿ وومينٽ پارليامينٽيرينز ورڪشاپ جو به بندوبست ڪيو جنهن ۾ ڪامن ويلٿ جي عورت قانونسازن کي صنفي جوابده قانونسازي جي تياري ۾ سندن مهارت کي مضبوط بڻائڻ لاءِ گڏ ڪيو ويو. هن ورڪشاپ صنفي برابري ۽ عورتن کي بااختيار بڻائڻ کي هٿي ڏيندڙ قانونن کي بهتر بڻائڻ لاءِ بهترين طريقن، قانوني فريم ورڪس ۽ حڪمت عملي تي به خيالن جي ڏي وٺ جو پليٽ فارم فراهم ڪيو. چين، آمريڪا، برطانيه، آسٽريليا، بيلجيئم، جرمني، فنلينڊ، اٽلي، اسڪاٽ لينڊ، هنگري، بيلاروس، پرتگال، اسپين، جاپان، سعودي عرب، گڏيل عرب امارتون،ا يران، ترڪي، قطر، اردن، شام، آذربائيجان، قازقستان، ازبڪستان، ترڪمانستان، الجزائر ۽ ايٿوپيا جي وفدن پارليامينٽ هائوس ۾ قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سان ملاقاتون ڪيون جنهن ۾ گڏيل مفادن ۽ تعاون جي شعبن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ورلڊ بئنڪ جي هڪ وفد ۽ ايراني پارلياماني وفد به ڳالهين ۾ حصو ورتو جيڪو پاڪستان جي عالمي حصيدارن ۽ سفارتي مشغوليت جي عزم جي عڪاسي ڪري ٿو. قومي اسيمبلي جي اسپيڪر ڪينيڊا، صوماليه، بيلا روس، آمريڪا، الجزائر، ارجنٽائين، فرانس، ترڪي، بيلجيئم، مصر، مراڪش، سوٽزرلينڊ، سنگاپور، ڏکڻ ڪوريا، انڊونيشيا، هنگري، يوڪرين، ڪرغزستان، ملائيشيا، ازبڪستان، ويٽنام، برازيل، تاجڪستان، ميڪسيڪو، چلي، نيپال، سعودي عرب، چين، جرمني، يوگنڊا، اسپين، آذربائيجان، آسٽريا، ترڪمانستان، چيڪ ريپبلڪ، ڪمبوڊيا،پولينڊ، عمان، لبنان، البانيه، رومانيه، گڏيل عرب امارات، فنلينڊ، تنزانيه، ڪينيا، قازقستان، بحرين ۽ قطر جي پنهنجي هم منصبن سان ملاقاتون ڪيون. انهن ملاقاتن ۾ مختلف علائقائي ۽ عالمي مسئلن تي پارلياماني تعاون ۽ گڏيل تفهيم کي مضبوط بڻائڻ جو موقعو فراهم ڪيو. جمهوري ۽ پارلياماني عمل ۾ نوجوانن جي وڌ کان وڌ مشغوليت کي هٿي ڏيڻ لاءِ پهريون ڀيرو يوٿ انٽرنشپ پروگرام جو افتتاح ڪيو ويو، جيڪو حڪمراني ۾ نوجوانن جي باخبر ۽ فعال شرڪت کي هٿي ڏيڻ طرف هڪ اهم وک آهي. هنن قدمن جو مقصد نوجوانن کي قانونسازي جي فريم ورڪ ۾ عملي تجربو ۽ بصيرت فراهم ڪرڻ آهي ته جيئن هو قومي اسيمبلي جي ڪردار ۽ قومي ترقي ۾ ان جي اهم ڪردار کي بهتر طور سمجهي سگهن. ان کان علاوه قومي اسيمبلي جي سرڪاري سوشل ميڊيا چينلز کي ٻيهر فعال ڪيو ويو، جنهن جو واضح مقصد پارلياماني سرگرمين ۽ معلومات تائين عوامي رسائي کي بهتر بڻائڻ آهي. ڊجيٽل پليٽ فارمز جو استعمال ڪندي اهي چينل سڌي ريت مواصلات جو ذريعو آهن جيڪي يقيني بڻائين ٿا ته شهري خاص طور تي نوجوان قانونسازي جي معاملن کان آگاهه رهن ۽ قومي پاليسين جي بحث ۾ فعال طور حصو وٺي سگهن. متوازي طور پارلياماني ڪارروائين جي سڌي ريت نشريات کي اين اي ٽي وي ذريعي متعارف ڪرايو ويو جيڪو شفافيت ۽ عوامي رسائي جي عزم کي وڌيڪ اڳتي وڌائي ٿو.