پشاور -03 مارچ (اي پي پي) خيبر پختونخوا ۾ 26 فيبروري کان هن وقت تائين برساتن سبب حادثن جي نتيجي ۾ 4 ماڻهو اجل جو شڪار جڏهن ته 9 زخمي ٿيا آهن. گذريل ڏينهن پي ڊي ايم اي طرفان گذريل 5 ڏينهن دوران وقفي وقفي سان جاري برساتن سبب صوبي ۾ جاني ۽ مالي نقصانن جي رپورٽ جاري ڪئي آهي. رپورٽ موجب اجل جو شڪار ماڻهن ۾ 3 مرد ۽ هڪ عورت جڏهن ته زخمين ۾ 4 ٻار، 3 عورتون ۽ 2 مرد شامل آهن. برساتن سبب مجموعي طور تي 13 گهرن کي نقصان پهتو جن مان 10 جزوي ۽ 3 گهرن کي مڪمل نقصان پهتو. پي ڊي ايم اي جي رپورٽ موجب برساتن سبب حادثا صوبي جي مختلف ضلعن ۾ پيش آيا. پي ڊي ايم اي طرفان لاڳاپيل ضلعي انتظاميه کي متاثر خاندانن کي فوري طور امداد ۽ زخمين کي بهترين طبي سهولتن جي فراهمي يقيني بڻائڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي.