لاهور-02 مارچ(اي پي پي)اومان ۾ پاڪستان جي سفير نويد صفدر بخاري چيو آهي ته پاڪستاني واپارين لاءِ اومان ۾ سيڙپڪاري جا بيشمار موقعا موجود آهن. صحافين سان ڳالهائيندي هن چيو ته اومان ڪاروبار لاءِ سازگار ماحول سبب پاڪستاني واپارين لاءِ انتهائي مثالي منزل آهي. پاڪستاني واپاري نار رياستن ۾ پنهنجي رسائي وڌائڻ لاءِ انهن موقعن مان فائدو حاصل ڪري سگهن ٿا. هن چيو ته علائقائي ۽ عالمي مارڪيٽ ۾ پاڪستان جو روانگي واپار وڌائڻ لاءِ اومان جي بندرگاهن ۽ لاجسٽڪ انفراسٽرڪچر مان فائدو حاصل ڪرڻ جي ضرورت آهي. هن ڪاروباري وفدن کي سهولت فراهم ڪرڻ، واپاري ميلا منعقد ڪرڻ ۽ سيڙپڪارن جي ضروري رهمنائي جي ضرورت تي پڻ زور ڀريو. سفير نويد بخاري چيو ته ٻنهي ملڪن وچ ۾ واپار ۽ سهڪار وڌائڻ لاءِ استعمال نه ٿيل پوٽينشل کي استعمال ڪرڻ جي ضرورت آهي.