اسلام آباد-28 فيبروري (اي پي پي) پاڪستان ۾ خلائي ترقيءَ جي اهم سنگ ميل طور قومي خلائي ايجنسي پاڪستان اسپيس اينڊ اپر ايمٽوسفيئر ريسرچ ڪميشن (سپارڪو) عوامي جمهوريه چين جي مينڊ اسپيس ايجنسي سان گڏيل تعاون جي معاهدي تي صحيحون ڪيون، جنهن تحت پاڪستان جي پهرين خلاباز کي تيانگونگ- چين خلائي اسٽيشن (سي ايس ايس) جي مشن تي روانو ڪيو ويندو. سپارڪو طرفان جاري بيان موجب ان معاهدي تحت 2 پاڪستاني خلاباز چين جي ايسٽروناٽ سينٽر ۾ تربيت حاصل ڪندا. ان مان هڪ خلاباز کي سائنسي پي لوڊ اسپيشلسٽ طور تي تربيت ڏني ويندي جيڪو چين اسيپس اسٽيشن (سي ايس ايس) ۾ مخصوص سائنسي تحقيق لاءِ تيار هوندو. خلاباز جي چونڊ جو عمل 2026ع تائين مڪمل ڪيو ويندو جنهن کانپوءِ هو سي ايس ايس جي منصوبي موجب ايندڙ مشن ۾ شموليت اختيار ڪندو. پاڪستان جي پهرين خلاباز جو مشن جديد سائنسي تجربن تي ٻَڌل هوندو جنهن ۾ حياتياتي ۽ طبي سائنس، ايرو اسپيس، اطلاقي طبيعيات، سيال ميڪينڪس، خلائي تابڪاري، ماحولات، مٽيريلز سائنس، مائڪرو گريويٽي اسٽڊيز ۽ فلڪيات جهڙا شعبا شامل هوندا. چين اسپيس اسٽيشن جديد تجرباتي سهولتن ۽ ٻاهرين اوزارن سان ليس آهي جيڪو ان شعبن ۾ وسيع تحقيق جي اجازت ڏئي ٿو. انهن تجربن جا نتيجا طبي تحقيقي، ماحولياتي نگراني ۽ خلائي ٽيڪنالاجي ۾ نمايان ترقيءَ جو سبب بڻجندا، جن جا اثر زمين تي انساني زندگي جي فائدي ۾ استعمال ٿي سگهندا. چين مينڊ اسپيس ايجنسي جي ڊي جي ڊاڪٽر لن شي چيانگ ان حصيداري تي خوشيءَ جو اظهار ڪندي چيو ته چين خلائي تحقيق ۾ عالمي تعاون کي هٿي ڏيڻ لاءِ پُرعزم آهي. سپارڪو جي چيئرمين محمد يوسف ان معاهدي کي پاڪستان جي خلائي سفر ۾ هڪ سنگ ميل قرار ڏيندي ثابت قدمي ۽ فني ترقيءَ تي زور ڀريو. هن نوجوانن، ماهرن ۽ تعليمي ادارن کي پاڪستان جي خلاباز پروگرام ۾ شموليت جي دعوت ڏني.