اسلام آباد-28 فيبروري (اي پي پي) ناڻي ۽ محصولن واري وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب چيو آهي ته حڪومت ڪاروبار دوست ماحول کي هٿي ڏيڻ ۽ پرڏيهي سيڙپڪاريءَ لاءِ سازگار حالتون ۽ سهولتون فراهم ڪرڻ ۾ پُرعزم آهي. هن اها ڳالهه هچيسن پورٽس جي اعليٰ سطح جي وفد سان ملاقات ۾ چئي. وفد جي اڳواڻ هچيسن پورٽس جي وچ اوڀر ۽ آفريقا ڊويزن جي ايم ڊي اينڊي سوئي ڪري رهيو هو. ڏکڻ ايشيا پاڪستان ٽرمينل جو سي اي او چانگسو ڪم، ڪراچي انٽرنيشنل ڪنٽينر ٽرمينل جي سي اي او نويد قريشي ۽ هچيسن پورٽس پاڪستان جي حڪومت معاملن بابت سربراهه تيمور خان آفريدي به ان موقعي تي موجود هئا. وفد ناڻي واري وزير کي هچيسن پورٽس جي پاڪستان ۾ 25 سالن جي موجودگي جي حوالي سان بريفنگ ڏني ۽ ٻُڌايو ته ڪمپني ٻه اهم ٽرمينلز ايڇ پي ڪي آءِ سي ٽي ۽ ايڇ پي ايس اي پي ٽي ڪاميابي سان هلائي رهي آهي. ان عرصي ۾ هچيسن پورٽس قومي ناڻي ۾ 225 ارب رپين کان وڌيڪ جو حصو وڌو ـ۽ تقريبن 5 هزار ماڻهن کي روزگار فراهم ڪيو ويو. هچيسن پورٽس جي نمائندن پنهنجي آئينده سيڙپڪاري منصوبي جا تفصيل پڻ پيش ڪيو جنهن تحت ڪمپني پاڪستان ۾ هڪ ارب آمريڪي ڊالرن جي سيڙپڪاري ڪندي ۽ هيءَ سيڙپڪاري موجوده ٽرمينلز جي جديديت، آپريشنل صلاحيت ۾ واڌ، لاجسٽڪس رابطا ڪاري ۽ آٽوميشن کي هٿي ڏيڻ تي ٻَڌل هوندي. منصوبي ۾ بنيادي ڍانچي جي ترقي، ڪارگو جي مؤثر چُرپر لاءِ روڊن جي بهتري، ايڇ پي ڪي آءِ سي ٽي جي جديد پاڻمرادي ٽرمينل ۾ تبديلي ۽ 52 هيڪٽر تي ٻَڌل لاجسٽڪس پارڪ جي تعمير شامل آهي ته جيئن واپاري رابطن کي هٿي ڏئي سگهجي. آٽوميشن اپ گريڊز تحت ريموٽ ڪوئي ڪرينز، پاڻمرادو آڙ ٽي جيز، اليڪٽرڪ ٽڪ ۽ ڊجيٽل گيٽ آپريشنز متعارف ڪرايا ويندا. ان کان علاوه بندرگاهه آپريشنز، مئنجمينٽ ۽ مصنوعي ذهانت جي شعبي ۾ تربيتي پروگرامن جي شروعات ڪئي ويندي. وفد اميد ظاهر ڪئي ته ان سيڙپڪاريءَ سان ايندڙ 25 سالن ۾ گهٽ ۾ گهٽ 4 ارب آمريڪي ڊالرن جي آمدني پيدا ٿيندي، جيڪا رائلٽي، ڪرايي ۽ ٽيڪس جي مد ۾ قومي ناڻي کي حاصل ٿيندي. ناڻي واري وزير هچيسن پورٽس جي پاڪستان ۾ سيڙپڪاري ۽ واپاري سرگرمين کي هٿي ڏيڻ جي عزم کي ساراهيو. هن خاطري ڪرائي ته حڪومت ڪاروبار دوست ماحول کي هٿي ڏيڻ ۽ پرڏيهي سيڙپڪاريءَ لاءِ سازگار حالتون فراهم ڪرڻ لاءِ پُرعزم آهي. هن معاشي ترقي ۽ بنيادي ڍانچي جي بهتريءَ ۾ مددگار اسٽريٽجڪ سيڙپڪاريءَ تي حڪومت طرفان مڪمل سهڪار جي خاطري ڪرائي.