اسلام آباد – 28 – فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته اسان روس سان سفارتي، واپاري ۽ سيڙپڪاري جي رابطن کي وڌيڪ وڌائڻ جا خواهشمند آهيون، پاڪستان ۽ روس جي وچ ۾ توانائي ۽ ٻين شعبن ۾ تعاون جي بي پناهه صلاحيت موجود آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب روس جي توانائي واري اول نائب وزير پاول سوروڪن 6 رڪني وفد سان گڏ وزيراعظم محمد شهباز شريف سان ملاقات ڪئي. وزيراعظم چيو ته پاڪستان روس سان لاڳاپا وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جو خواهشمند آهي، اسان روس سان سفارتي، واپاري ۽ سيڙپڪاري جي رابطن کي وڌيڪ وڌائڻ جا خواهشمند آهيون، پاڪستان ۽ روس جي وچ ۾ توانائي ۽ ٻين شعبن ۾ تعاون جي بي پناهه صلاحيت موجود آهي. وزيراعظم چيو ته روس جي صدر ولادي مير پيوٽن سان آستانه ۾ شنگهائي تعاون تنظيم سربراهي اجلاس جي موقعي تي ٿيندڙ ملاقات انتهائي ڪارائتي رهي. وزيراعظم روسي صدر کي پاڪستان جي دوري جي دعوت جو ورجاءُ ڪيو. روس جي توانائي واري اول نائب وزير چيو ته روس پاڪستان سان توانائي جي شعبي ۾ تعاون وڌائڻ جو خواهشمند آهي. روس جي توانائي واري اول نائب وزير شاندار ميزباني تي پاڪستان حڪومت جا ٿورا مڃيا. ملاقات ۾ نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار، اقتصادي معاملن واري وفاقي وزير احد خان چيما، پيٽروليم واري وفاقي وزير مصدق ملڪ، اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ، پاور ڊويزن واري وفاقي وزير اويس احمد خان لغاري، وفاقي وزير علي پرويز ملڪ، وزيراعظم جي صلاحڪار محمد علي، وزيراعظم جي خاص معاون طارق فاطمي، اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان جي گورنر جميل احمد ۽ لاڳاپيل اعليٰ سرڪاري آفيسرن شرڪت ڪئي.