اسلام آباد – 28 – فيبروري (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار آذربائيجان جي پرڏيهي وزير جيهون بيراموف سان ٽيليفونڪ ڳالهه ٻولهه ڪئي. پرڏيهي وزارت موجب نائب وزيراعظم سينيٽر محمد اسحاق ڊار وزيراعظم جي آذربائيجان جي تازي دوري دوران ملندڙ گرمجوشي تي ٿورا مڃيا. ٻنهي اڳواڻن ان دوري دوران واپار ۽ سيڙپڪاري جي حوالي سان ڪيل فيصلن تي عملدرآمد کي تيز ڪرڻ جي لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ تي اتفاق ڪيو.