پشاور-28 فيبروري (اي پي پي) خيبر پختونخوا جي شهر نوشهره ۾ دارالعلوم حقانيه اڪوڙه خٽڪ جي جامع مسجد ۾ جمعي نماز دوران ٿيل آپگهاتي ڌماڪي جي نتيجي ۾ جي يو آءِ (س) جو مرڪزي اڳواڻ ۽ مدرسي جو نائب مهتمم مولانا حامد الحق سميت 4 ڄڻا شهيد ٿي ويا. ڪي پي ڪي جي آءِ جي ذوالفقار احمد جامع حقانيه جي مسجد ۾ جمعي نماز دوران آپگهاتي ڌماڪي جي تصديق ڪندي ٻُڌايو ته ڌماڪي ۾ 4 ڄڻا شهيد ۽ ڪيترائي سخت زخمي آهن. آءِ جي وڌيڪ ٻُڌايو ته حملي جو هدف جامعه حقانيه جو سربراهه مولانا حامد الحق حقاني ئي هو. ڪي پي ڪي جي آءِ جي ۽ چيف سيڪريٽري شهاب علي شاهه ڌماڪي ۾ مولانا حامد الحق جي شهيد ٿيڻ جي تصديق ڪري ڇڏي آهي. ڊپٽي ڪمشنر نوشهره جو چوڻ آهي ته مولانا حامد حقاني جي مڙهه کي سي ايم ايڇ نوشهره منتقل ڪيو ويو آهي. ان کان اڳ ڪي پي ڪي جي اطلاعات واري صلاحڪار بئريسٽر ڊاڪٽر سيف چيو ته واقعي ۾ مولانا حامد الحق جي شهادت جي تصديق ٿي چڪي آهي. مولانا هڪ ناليوارو عالمِ دين هو، اسلام لاءِ سندس خدمتون وِسارڻ جوڳيون ناهن. مولانا جي شهادت هڪ وڏو نقصان آهي.