اسلام آباد-28 فيبروري (اي پي پي) گهرو معاملن واري وفاقي وزير محسن نقوي دارلعلوم حقانيه اڪوڙه خٽڪ جي جامع مسجد ۾ ڌماڪي سخت لفظن ۾ مذمت ڪئي ۽ ڌماڪي ۾ مولانا حامد الحق سميت ٻين ماڻهن جي شهادت تي گهري ڏُک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. پنهنجي بيان ۾ وفاقي وزير، مولانا حامد الحق ۽ ٻين شهيدن جي ڪٽنبن سان دلي همدردي ۽ تعزيت جو اظهار ڪيو آهي. گهرو وزير زخمين جي جلد صحتيابيءَ لاءِ دُعا پڻ ڪئي. گهرو وزير چيو ته مولانا حامد الحق جي شهادت تي دل ڏُک پهتو آهي. گهرو وزير مولانا حامد الحق شهيد جي ديني خدمتن کي خراجِ عقيدت پيش ڪندي چيو ته مولانا حامد الحق شهيد جي سوڳوار خاندان ۽ عقيدتمندن جي غم ۾ برابر جو شريڪ آهيان.